ڪراچي(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ پاران ڌرتي جي ٻن يگانن ڏات ڌڻين س.ا.س مرڪز ۽ ڪراچي شاخ جي بانيڪارن، اديبن ۽ ليکڪن تاج بلوچ ۽ نورالدين سرڪي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آرٽس ڪائونسل جي گل رنگ ھال ۾ھڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو. ويو جنھن جي صدارت مدد علي سنڌي ڪئي. مھمانن ۾ ايڊووڪيٽ سيد غلام شاهھ، شاعر ۽ اديب سيدنور رضوي مھمانن طور شرڪت ڪئي اسٽيج جا فرائض نثارناز رڪ سيڪريٽري سنگت شاخ ڪراچي ادا ڪيا ان موقعي تي مختلف اديبن وڪيلن ويچار ونڊيا، سندن زندگي ۽ مختلف پھلوئن تي روشني وجھندي ڌرتي جي ھڪ دور جي حيثيت رکندڙ سڄاڻ شخصيتن سان پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي مدد علي سنڌي چيو تھ تاج بلوچ ۽ نورالدين سرڪي علم، ادب جي جوت جاڳائي، ھميشھ ياد رکيا ويندا. تاج بلوچ ايڊيٽر، شاعر ۽ بھادر قومي ڪارڪن ھو، سرڪاري نوڪري ھوندي ڪڏھن بھ ڊنو ڪو نھ سڄي زندگي ادب ۽ ٻوليءَ سان جڙيل ھو. ھن چيو تھ نورالدين سرڪي ترقي پسند ادب جي جوت جلائي، ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت کي ٻيھر متحرڪ ڪرڻ ۾سندس ڪردار اھم آھي، اتساھيندڙ شخصيت جي مالڪ ھو ۽ ھر ماڻھو جي مدد ڪندو ھو، سندس خدمتون ناقابل فراموش آھن. سيد غلام شاھھ چيو تھ نورالدين سرڪي عجيب مرحلن مان گذريو ، غير معمولي حالتن ۾ ھڪ غير معمولي شخصيت جنم ورتو، ھن ھميشھ امن کي اھميت ڏني ، جذبن جو احترام، عدم تشدد جي نظريي تي قائم رھيو ۽ انسانيت کي ھميشھ اوليت ڏني نورالدين سرڪي جي اولاد مان سندس پٽ بئريسٽر شھاب سرڪي چيو ته والد جي وڇوڙي کان پوءِ ھر ڏينھن اھو احساس وڌي رھيو آھي تھ ھو ڪيترو وڏو ماڻھو ھو، سندس وفات جي وقت اڪائونٽ رڳو 80 ھزار رپيا پيل ھئا جيڪا وڏي رقم نھ ھئي پر ھو جيڪا سوچ ، نظريو ۽ فڪر ڇڏي ويو اھو ھڪ وڏو اثاثو آھي. سندس رھيل ادبي ڪم سھيڙي ڇپائيندس.نور رضوي چيو تھ پنھنجي ھيروز کي ياد ڪرڻ سٺي روايت آھي، تاج بلوچ ۽ نورالدين سرڪي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڪم ڪيو ، اھي اسان جا ھيرو آھن، جن کي ڪڏھن کي وساري نھ ٿو سگھجي، سندن خدمتون ناقابل فراموش آھن. انھن جي کوٽ ھميشھ محسوس ٿيندي رھندي سنگت ڪراچي جي سيڪريٽري نثارناز رڪ چيو ته ايڊوڪيٽ نورالدين سرڪي 1962ع ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن پاران ملھايل "سنڌي شام” ۾ ۾ سوجھرو مخزن جو نالو تجويز ڪيو جنهن جو ايڊيٽر تاج بلوچ ٿيو ۽ شيخ اياز جو مشهور شعر ” سھندو ڪير ميار او يار… پھريون دفعو سوجهرو رسالي ۾ ڇپيو ھو، عبدالخالق جوڻيجي چيو تھ نورالدين سرڪي وڪالت جي پيشي جو استاد ھو، ھن وڪالت ۽ زندگي جي ھي پھلو تي رھنمائي ڪئي، تمام گھڻا وٽس ايندا ھئا، سياسي ڪارڪنن جا ڪيسن جي فيس نھ وٺندو ھو. . ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو تھ تاج بلوچ سنڌي ترقي پسند ادب جو شھسوار ۽ سنڌي ادب جو تاج ھو، ھڪ اداري جي حيثيت رکندڙ اديب، نقاد، ايڊيٽر ۽ شاعر طور سندس خدمتون آھن،ھو ڪيترين ئي روايتن کي رد ڪندي اڳتي وڌيو تاج بلوچ ٽن ٽن شخصيتن کي پنهنجو استاد چوندو ھو جن ۾ رسول بخش پليجو، محمد ابراھيم جويو ۽ نورالدين سرڪي شامل آهن اياز حسين قادري سان بھ احترام جو رشتو ھيس، ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردن کي تاج بلوچ تي ايم فل پڙھائي رھيو آھيان سرور سميجي چيو تھ تاج بلوچ پاڻ ترقي پسند باشعور اديب ليکڪ ھو پر سندس اولاد سندس نقش قدم تي نه ھلي .تاج جي فئملي ڪراچي ۾رھندي ھئي پوش علائقي ۾ ان ڪري اھي اردو ماحول جي ڪري اردو ڳالھائيندا ھئا، تاج جي پڄاڻان اھي ايم ڪيو ايم ۾شامل ٿي ويا .ھن انتھائي اھم ڳالھھ ڏانھن ڌيان ڇڪايو ته سنڌي ٻولي جا اديب ليکڪ دانشور سياستدان پنھنجي اولاد کي انھي ڪرت کان پري رکن ٿا جنھن جو مستقبل ۾ڪافي نقصان به ٿئي ٿو جو ان جي مرڻ کان پوءِ سندن جاءِ سنڀالڻ وارو ۽ ان جي مشن کي اڳتي وڌائڻ وارو ڪير به نه ھوندو آھي، اسان کي گھرجي ته اسان پنھنجن اولادکي ذھني طور تي سماج ۽ سياست ۽ ادب جي لاءِ تيار ڪريون جئين اھو خال ڀرجي سگھي . بئريسٽر ذوالفقار علي لانگاھھ چيو تھ نورالدين سرڪي غلاماڻي سوچ کي رد ڪيو، مونکي نھ رڳو وڪالت سيکاري پر آزادي جو پڻ احساس ڏياريو، اھو منھنجو سڀاڳ آھي تھ زندگي جا پويان پنج سال پاڇي جيان گڏ رھيم، اڄ مان ھڪ غريب جو بار لنڊن مان بيريسٽري جي ڊگري وٺي آيو آھيان ان جو ڪارڻ منھنجو استاد نورلدين سرڪي آھي ان موقعي تي امجد شاھھ (جنرل مينيجر پي ٽي وي)، صحافي ۽ اديب ممتاز بخاري ڊاڪٽر عابده گھانگھرو، نصير سومرو، عبدالواحد سومرو، سجاد ميراڻي، شوڪت اڄڻ، راشد لکمير پڻ خطاب ڪيو.
جڏھن تھ تقريب ۾ امان اللھ شيخ ايڊوڪيٽ، ڪامريڊ عثمان بلوچ، رياض شاھد,وحيد محسن، سليم انور عباسي، شاھنواز گھوٽو، مريد ڄامڙو،صاحب خان ڀنڊ , وحيد سمون سارنگ منيرسومرو , نعيم شيخ دايو، سارنگ جويو، امين جويو، شاھد علي صوف ابڙو، آتش پنھيار، امتياز دانش، ليکڪ حسن پٺاڻ گھوٽڪي کان ڪھي آيل منظور سومرو، حيدرآباد کان ڪھي آيل رحمت ڪنول، سميت وڏي انگ ۾ اديبن، ليکڪن ۽ ساڃاھ وندن شرڪت ڪري خراج تحسين پيش ڪيو.