لاهور (بيورو) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته تحريڪِ لبّيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) کي هڪ پروجيڪٽ طور لانچ ڪيو ويو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عظميٰ بخاري ٻڌايو ته گذريل وقتن ۾ ڪيتريون جماعتون پابندي کان پوءِ نالا تبديل ڪري ويون، پر هن ڀيري معاملو مختلف آهي، ٽي ايل پي جون سرگرميون سياست نه پر ڏڦيڙ هيون ۽ حڪومت جو فيصلو ڪنهن به مذهبي جماعت خلاف ناهي پر رياستي سوچ خلاف هي فيصلو آهي، ڪاهنه ۾ هڪ ڀيرو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 660 تائين پهتو هو، پر ڪجهه ڪلاڪن جي محنت سان اهو 160 تي آيو ، ماحوليات جو کاتو آلودگي گھٽائڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي.