ڪچي ۾ شهيد اهلڪارن جي ڪيس ۾ غفلت ۽ غلط بياني تي 3 اهلڪار برطرف

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ايس ايس پي گهوٽڪي رائونتي ڪچي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي ڪيسن ۾ غفلت ۽ غلط بياني ڪرڻ جي الزام هيٺ پوليس جمعدار نور محمد شيخ، اهلڪار ممتاز سومرو ۽ شاهنواز جلباڻي کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو، اڳوڻي ايس ايڇ او علي اصغر اعواڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، ايس ايس پي  گهوٽڪي محمد انور کيتران 2022 دوران  رائونتي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل پوليس آفيسرن ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو، انسپيڪٽر عبدالمالڪ ڪمانگر، اي ايس آءِ دين محمد لغاري، پوليس ڪانسٽيبل محمد سليم چاچڙ ۽ ڄام جتوئي پتافي جي ڪيسن ۾ غفلت ۽ غلط بياني ڪرڻ ۽ پنهنجي بيانن ۾ تضاد رکي جوابدارن کي فائدو پهچائڻ جي الزام هيٺ 3 پوليس اهلڪارن جمعدار نورمحمد شيخ، اهلڪار ممتاز سومرو ۽ شاهنواز جلباڻي کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو جڏهن ته شهيد اهلڪارن جو ڪيس داخل ڪندڙ  رائونتي ٿاڻي جي اڳواڻي ايس ايڇ او علي اصغر اعواڻ کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو، جڏهن ته برطرف ٿيل اهلڪارن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته ڌاڙيلن هٿان شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو، انسپيڪٽر عبدالمالڪ ڪمانگر، سب انسپيڪٽر دين محمد لاشاري، پوليس اهلڪار سليم چاچڙ ۽ جتوئي پتافي شهيد ٿيا، جڏهن ته ڪيس جي ڪارروائي دوران ڪجهه پوليس اهلڪارن پاران اي ٽي سي ڪورٽ گهوٽڪي ۾ اهڙا بيان ڏنا ويا جن سان جوابدارن کي فائدو مليو ۽ ڪيس ڪمزور ٿيو، ذريعن موجب برطرف ٿيل پوليس اهلڪارن تي الزام هو ته هنن پنهنجي بيانن ۾ تضاد رکيو ۽ جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان شهيد اهلڪارن جي ڪيس کي نقصان پهتو ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران پاران چتاءُ پڻ ڏنو ويو آهي ته فرض ۾ غفلت، ڪوڙ يا ڏوهارين جي مدد ڪندڙ ڪنهن به اهلڪار سان رعايت نه ڪئي ويندي.

شهيد اهلڪارن جي ڪيس ۾ گهربل ڌاڙيلن جو اڳوڻو ترجمان فقير ثناءُ الله بري

ميرپورماٿيلو : شهيد پوليس اهلڪارن جي ڪيس ۾ غفلت ۽ غلط ٻياني سبب ڪيس ۾ گهربل ڌاڙيلن جو اڳوڻو ترجمان فقير  ثناءُ الله شر شهيد آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪيس مان باعزت بري ٿي ويو، رپورٽ موجب رانوتي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪيس ۾ اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ڪيس جي ڪارروائي دوران پوليس اهلڪارن غلط بياني ڪئي ۽ بيانن ۾ تضاد رکيو جنهن سبب شهيد اهلڪارن جي ڪيس ۾ جوابدار ڌاڙيلن جو اڳوڻو ترجمان فقير ثناءُ الله شر باعزت بري ٿي ويو.

 پراسيڪيوشن برانچ پاران مالڪي نه ٿيڻ سبب ڪيس ڪمزور ۽ رولڙي جو شڪار

ميرپورماٿيلو : پراسيڪيوشن برانچ پاران  شهيد پوليس  اهلڪارن جي  ڪيسن جي مالڪي پوئيواري نه ٿيڻ سبب ڪيس ڪمزور  ۽  رولڙي جو شڪار، پراسيڪيوشن برانچ جي ڊي ايس پي پاران شهيد پوليس اهلڪارن جي ڪيسن جي پيروي ۽ مالڪي نه ڪرڻ سبب شهيد اهلڪارن جا ڪيس ڪمزور ۽ رولڙي جو شڪار ٿي ويا، پراسيڪيوشن برانچ شهيد پوليس اهلڪارن جي ڪيسن جا ڪا به پوئواري نه ٿي ڪري جنهن سبب شهيد پوليس اهلڪارن جي  ڪيسن ۾ گهربل جوابدار سزا جزا جي عمل کان بچي باعزت بري ٿي وڃن، شهيد اهلڪارن جي ڪيسن ۾ سنگين غفلت ۽ بدديانتي ڪئي وڃي ٿي جنهن سبب اهلڪارن جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن کي فائدو ملندو رهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.