پنجاب ۾ 10 لک لائسنس وارن هٿيارن جي ٻيهر جاچ جو فيصلو

لاهور (بيورو) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس، نوان قانون، ڊرون پوليسنگ ۽ جديد اسڪينر لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويول، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 10 لک لائسنس يافته هٿيارن جي ٻيهر جاچ ۽ اسڪروٽني جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس دوران ڊرون پوليسنگ، مربوط سيڪيورٽي نظام ۽ آرمز ريگيوليشن جا نوان قانون متعارف ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سرينڊر آف اِل ليگل آرمز ايڪٽ 2025ع ٽن مرحلن ۾  لاڳو ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد غير قانوني هٿيارن جي واپسي، ضايع ڪرڻ ۽ نون قانونن تي عمل ڪرائڻ هوندو، غير قانوني هٿيار 15 ڏينهن اندر جمع ڪرائڻا پوندا، جڏهن ته لائسنس يافته هٿيارن جي مالڪن ۽ لائسنس جاري ڪندڙ ادارن جي به تصديق ڪئي ويندي، وفاقي لائسنس وارن هٿيارن جي به جاچ ٿيندي ۽ صرف پوليس اهلڪارن يا رجسٽرڊ سيڪيورٽي گارڊز کي هٿيار رکڻ جي اجازت هوندي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نجي سيڪيورٽي ڪمپنين کي باقاعدي رجسٽر ڪيو ويندو، ٻئي پاسي ورلڊ ڊولپمينٽ انفارميشن ڊي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ مريم نواز چيو ته عوام ۾ ترقي جي ضرورت جو وڌندڙ شعور هڪ مثبت رجحان آهي ۽ پنجاب ۾ تيز ترين ڊولپمينٽ جي جديد دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، پائيدار ترقي ۽ موثر ڄاڻ ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادار ڪري رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.