ڪراچي( رپورٽر )سنڌ سڌ سماءُ ڪميشن جي ڪنٽينٽ ۽ پروڊڪشن اوورسائيٽ بورڊ جو اجلاس سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه خاص شرڪت ڪئي، جڏهنتہ اجلاس ۾ بورڊ جا ميمبر قاضي اسد عابد، زالي سرحدي، سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊي جي اطلاعات معز پيرزادو ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا۔اجلاس کي آگاهي ڏني ويئي ته اطلاعات کاتي جا چار فلمي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن، جن ۾ ٽي دستاويزي فلمون ۽ هڪ فيچر فلم شامل آهي۔ اجلاس ۾ انهن منصوبن جي تفصيل، مواد، ۽ انهن جي سماجي ۽ ثقافتي اثرن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ويئي۔بورڊ اجلاس ۾ اطلاعات کاتي تحت تيار ٿيندڙ نون دستاويزي ۽ فيچر فلمن جي ايندڙ مرحلن، انهن جي مارڪيٽنگ، نمائش، ۽ عوامي رسائي بابت به غور ويچار ڪيو ويو۔ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ثقافت، تاريخ ۽ عوامي جدوجهد کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جديد ميڊيا ۽ فلم سازي کي هڪ مؤثر ذريعو سمجهي ٿي۔ اطلاعات کاتي جا هي منصوبا نه رڳو صوبي جو مثبت تشخص نمايان ڪندا، پر نوجوان فلمسازن ۽ اداڪارن لاءِ به هڪ پليٽ فارم مهيا ڪندا، جتي اهي پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي اڳيان آڻي سگهن۔هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت فنون لطيفه، فلم ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي رهي آهي، جيئن ثقافتي ورثو عالمي سطح تي متعارف ٿي سگهي۔