عليمه خان جا اڪائونٽ ۽ سڃاڻپ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وارنٽ جي باوجود پيش نه ٿيڻ تي عليمه خان جو پاسپورٽ ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ سان گڏ سڀ بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رپورٽ موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه، صادق آباد ٿاڻي  ۾ داخل 26 نومبر احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته عليمه خان گرفتاري وارنٽ جي تعميل باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿي، تنهنڪري ضمانت ڏيندڙ جي ملڪيت به حڪومت جي حوالي ڪئي وڃي، عدالت ڊي جي نادرا ۽ ڊي جي پاسپورٽ کي قومي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ، جڏهن⁠ ته اسٽيٽ بئنڪ کي سڀ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته جوابدار عورت هر هنڌ موجود هوندي آهي، پر عدالت ۾ پيش نٿي ٿئي، تنهنڪري سندس حاضري هر صورت ۾ يقيني بڻائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.