طالبان جو پاڪستان مان نڪرندڙ ڪنڙ درياءُ تي ڊيم ٺاهڻ جو اعلان

ڪابل (م ڊ) افغان طالبان پاڪستان مان نڪرندڙ ڪنڙ درياءُ تي ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. افغان طالبان جي سپريم ليڊر ملا هيبت الله آخوندزادا توانائي واري وزارت کي حڪم ڏنو آهي ته ڪنڙ درياهه تي جلد کان جلد ڊيم جي اڏاوت شروع ڪئي وڃي. افغان ميڊيا موجب،  سپريم ليڊر ملا هيبت الله آخوندزادا چيو آهي ته ڊيم لاءِ ملڪ جي ڪمپنين سان معاهدا ڪيا وڃن ۽ پرڏيهي ڪمپنين جو انتظار نه ڪيو وڃي. ان حوالي سان پاڻي ۽ توانائي واري وزير ملا عبداللطيف منصور چيو آهي ته افغانن کي پنهنجي پاڻيءَ جو انتظام پاڻ ڪرڻ جو حق حاصل آهي ۽ هي تاريخي فيصلو قومي ذخيرن کي سنڀالڻ لاءِ افغانن جي مضبوط ارادي کي ظاهر ڪري ٿو. ياد رهي ته ڪنڙ درياهه چترال مان نڪري ٿو ۽ اٽڪل 482 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ ڪابل درياهه ۾ شامل ٿي واپس پاڪستان ايندو آهي. هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته ڪنڙ درياءُ تي ڊيم بابت عالمي قانون جي پاسداري ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.