اسلام آباد/ڪابل (م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ واري سرحدي گذرگاهن تي روٽس 12 آڪٽوبر کان بند آهن، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جو ٻه طرفو واپار مڪمل طور تي رڪجي ويو ۽ واپارين کي شديد مالي نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، گڏوگڏ تازو ميون ۽ سبزين جي وڏي مقدار خراب ٿي آهي، پاڪستان ۾ هن وقت ٽماٽن جي قيمت رڪارڊ ٽوڙندي تقريبن في ڪلو 300 رپيا کان 600 رپيا تائين وڃي پهتي، ٽماٽو، جيڪو گهريلو کاڌن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿئي ٿو، ان جي بلند قيمت عام ماڻهو کي متاثر ڪري رهي آهي، ڪابل ۾ پاڪ-افغان چيمبر آف ڪامرس جي سربراهه خان جان الوڪوزئي رائٽرز کي ٻڌايو ته تڪرار کان پوءِ سڀ واپاري ۽ ٽرانزٽ سرگرميون بند ٿي ويون آهن، هن چيو ته ”هر گذرندڙ ڏينهن سان لڳ ڀڳ هڪ ملين ڊالر روزانو ٻنهي پاسن کي نقصان پهچي رهيو آهي، خان جان الوڪوزئي چيو ته روزانو تقريبن 500 ڪنٽينر سبزين جا ايندا آهن، جيڪي هاڻي خراب ٿي ويا آهن، رپورٽ موجب سرحدن جي ٻنهي پاسن تي لڳ ڀڳ 5 هزار ڪنٽينرز روڪيل آهن، ميوو ۽ سزبيون خراب ٿي رهيون آهن.