حيدرآباد ۾ امڙ کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي الشهباز ڪالوني ۾ ماءُ کي قتل ڪندڙ پٽ کي پوليس گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، قاسم آباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي حد الشهباز ڪالوني ۾ گذريل ڏينهن گهريلو تڪرار سبب حنيف مَري ولد محمد ايوب مَري پنهنجي 48 سالن جي امڙ رخسانه کي گهر اندر فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو ۽ پاڻ فرار ٿي ويو هو، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيو آهي، پوليس موجب جوابدار گهر ۾ پنهنجي امڙ ۽ زال  وچ ۾ ٿيندڙن جهيڙن سبب گهريلو معاملي تان ڪاوڙ ۾ اچي امڙ کي قتل ڪري فرار ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.