لاهور(سجاد انور)ملڪ ۾ صدارتي نظام جي بحث هلي رهي آهي ته "صدارتي طرز حڪومت” آندي ويندي، جهڙي طرح آمريڪا ۾ /ڏسو صفحو 7 ڪالم 3
آهي ۽ تمام طاقتون صدر وٽ هونديون آهن. ڪافي وڏن صحافين، جن ۾ نجم سيٺي به شامل آهي، اها خبر تمام وثوق سان ڏني آهي ته 2029 تائين اهو نظام رائج ڪيو ويندو، آئين ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ موجوده پارليامينٽ ذريعي ئي اهي ترميمون ڪرايون وينديون.توڙي جو 1973ء جي آئين کي سياسي جماعتون تمام گهڻو تحفظ ۽ مالڪي ڪن ٿيون جڏهن ته روز ئي ڪا نه ڪا اھڙي ڳالهھ سامھون اچي ٿي جنھن سان اسان پراڻي بحث ڇڏي نئين بحث ۾ پئجي وڃون ٿا. ڪڏهن اين ايف سي، ڪڏهن نوان صوبا، ڪڏهن ڪئنال، ۽ هاڻي نظام ري سيٽ ۽ صدارتي نظام جي ڳالھه ٿي رهي آهي. اهي خبرون ڪٿان ٿيون اچن ۽ ڪيئن هلايون وڃن ٿيون، فيلڊ مارشل جي سرواڻي ۾ ڀارت کان جنگ کٽي وئي،ايران-آمريڪا جنگ ۾ ٽياڪڙي، ۽ ٽرمپ سان ذاتي لاڳاپن ذريعي پنهنجي پاور ۾ اضافو ڪيو.جڏهن ته فيلڊ مارشل پارليامينٽ کان تاحيات استثنيٰ حاصل ڪري ورتي.هاڻي اسٽيبلشمينٽ جو نشانو اهي سياسي پارٽيون آهن جيڪي پارليامينٽ ۾ ويٺيون آهن. اڳ ۾ عمران خان جو پروجيڪٽ آندو ويو هو پر اهو ناڪام ٿيو. هاڻي انهن ٻنهي روايتي پارٽين جي طاقت کي ختم ڪرڻو آهي.
انهن ئي پارٽين فيلڊ مارشل لاءِ آرمي جي سڀني شعبن کي سينٽرلائيز ڪيو، پر هاڻي اسٽيبلشمينٽ انهن سياسي پارٽين جي طاقت کي ڊي سينٽرلائيز ڪرڻ چاهي ٿي،پلان اهو آهي ته ملڪ ۾ 32 نوان صوبا ٺاهيا وڃن، جنهن سان سياسي پارٽين جو اثر ختم ٿي ويندو. ان کان پوءِ پارليامينٽ جي ضرورت ئي نه رهندي، پر مولانا فضل الرحمان 73ء جي آئين جو حامي آهي، پيپلز پارٽي 18ئين ترميم کي پنهنجي رت سان تحفظ ڪندي، ۽ نون ليگ به پارلياماني نظام جي حامي آهي. اهي سڀ سياسي ڌريون پنهنجا هٿ ڪٽائي اسٽيبلشمينٽ جي اڳيان پليٽ ۾ ڇو رکنديون؟
لاهور( معظم فخر)باخبر حلقن موجب پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام کان پوءِ صدارتي نظام نافذ ڪيو پيو وڃي. اهڙو صدارتي نظام نافذ ڪرڻ جي تجويز زير غور آهي جنهن جو طرز حڪومت آمريڪي نظام جهڙو هوندي، جتي صدر کي مرڪزي حيثيت حاصل هوندي، صدر پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي ڪابينا جي چونڊ ڪري سگهندو ۽ هو هر معاملي تي اختيار رکندو،سينئر صحافي نجم سيٺي موجب پهرين مرحلي ۾ نوان صوبا ٺهندا ۽ موجوده پارليامينٽ ذريعي صوبن جي جوڙجڪ بابت آئيني ترميم ڪئي ويندي. آئيني ترميم کان پوءِ صوبا ٺهندا ۽ پوءِ ان کان پوءِ جيڪا ايندڙ پارليامينٽ هوندي، اها ان آئيني ترميم تحت انهن صوبن کي هلائيندي هاڻي صورتحال اها آهي ته جيڪڏهن اسان هن پوري آئيني ڍانچي کي تبديل ڪنداسين، ته ان لاءِ يا ته توهان کي ريفرنڊم ذريعي پاڪستان جي عوام کان اجازت وٺڻي پوندي ۽ ان ريفرنڊم مان ملندڙ اجازت جي بنياد تي ئي توهان آئيني ڍانچي کي تبديل ڪري سگهو ٿا. ان سان گڏوگڏ توهان کي هڪ نئين آئين ساز اسيمبليءَجي ضرورت پوندي جيڪا محدود وقت ۾ نئون دستور تيار ڪندي، جيڪو صدارتي نظام تي ٻڌل هوندو، ۽ پوءِ ان آئين تحت نظام اڳتي هلندو.1973ع جو آئين هڪ اهڙي دستاويز آهي جنهن تي پوري قوم متحد آهي، نئين آئين تي اهڙو وسيع اتفاق پيدا ڪرڻ قطعي طور ممڪن نه هوندوهاڻي جيڪڏهن موجوده آئين ۾ صدارتي نظام آڻڻو آهي، ته پوءِ آئين جي هڪ ٻه نه، پر تمام گهڻيون شقون تبديل ڪرڻيون پونديون. اهو هڪ اهڙو ڪم آهي جيڪو چٽڪي وڄائڻ سان نٿو ٿي سگهي، ان جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ادارن ۽ آئيني عهديدارن جي مقرريءَ جو طريقيڪار به تبديل ڪرڻو پوندو.سڀ کان پهرين آرٽيڪل 41 ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ صدر جي چونڊ ۽ اختيارن جو ذڪر آهي. چيف ايگزيڪٽو وارا اختيار هيڊ آف دي اسٽيٽ (صدر) ڏانهن منتقل ڪرڻا پوندا ۽ وزيراعظم جي اختيارن واريون شقون تبديل ڪرڻيون پونديون.ساڳي طرح آرٽيڪل 41 ۾ جتي صدر کي وزيراعظم جي مشوري جو پابند بڻايو ويو آهي، اها شق تبديل ٿيندي. جڏهن وزيراعظم ئي نه هوندو ته مشورو ڪنهن جو هوندو!آرٽيڪل 58 اسيمبلي تحليل ڪرڻ جا اختيار تبديل ڪرڻو پوندو.آرٽيڪل 90 ۽ آرٽيڪل 91 تبديل ڪرڻا پوندا.وفاقي ڪابينا بابت آرٽيڪلز، چونڊن جا قانون، صوبائي ايگزيڪٽو جا اختيار، گورنرن جون شقون، وفاق ۽ صوبن وارا لاڳاپا، ۽ پارلياماني نظرداري واريون تمام شقون تبديل ڪرڻيون پونديون.سڀ کان وڏي ڳالهه ته صدر جي چونڊ جو طريقيڪار ڇا هوندو؟ ڇا سڌوسنئون عوامي ووٽ ذريعي چونڊ ٿيندي، يا ايوب خان وارو بي ڊي ميمبرن ذريعي اڻ سڌي طرح چونڊن وارو سسٽم هوندو؟ ڇا نوان صوبا/انتظامي يونٽ صدر جو اليڪٽورل ڪاليج بڻبا؟ هي هڪ پورو سلسلو آهي جيڪو آئين جي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حصي ۾ تبديليون آڻيندو.ان جو مطلب آهي ته ايتريون وڏيون تبديليون آڻڻ لاءِ موجوده پارليامينٽ ناڪافي آهي. خاص طور تي اهڙي منظرنامي ۾ جڏهن پارليامينٽ جي حڪمران جماعتن تي "فارم 45” ۽ "فارم 47” جو ٺپو لڳل هجي. اهڙي صورتحال ۾ ايترين وڏين تبديلين لاءِ موجوده پارليامينٽ کي استعمال ڪرڻ ممڪن ناهي.