ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (پ ر/ نمائندا) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو خلاف اين سي سي آءِ ڪراچي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ، نوٽيس جاري ڪرڻ، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، نيو جلالپور ڪئنال ۽ درياھ تي ڌاڙي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاھرا ۽ سڄي سنڌ جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران مذمت ٺھراءُ پاس ڪيا ويا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، جروار، مٽياري، ڄام صاحب، شڪارپور، ڪشمور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ضلعي جي صدرنظيربليدي، معشوق چانڊيو، نور حسن جمالي، بابو ميمڻ، الطاف خاصخيلي، بابو سولنگي، اصغر گوپانگ، فضا ملاح، راجا چانڊيو،معشوق وگھيو، گلزار ڪلهوڙو، شفاق گراڻو،نظيرقريشي، وڪيل اسلم لغاري، روزينا ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ارشد شر، ايڊووڪيٽ ديدار علي چانڊيو ۽ ٻين وڪيلن سپريم ڪورٽ جي وڪيل ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو خلاف داخل ڪيل ڪيسن تي سخت ردِعمل ۽ يڪجهتي جو اعلان ڪيو، ٺل ۾ اعجاز ڪنراڻي،گل کوسو، ربنواز ڪنراڻي، صدام جعفري، وهاب ڪنراڻي، عطا سنڌي ارشاد ڪنراڻي ،خادم بلوچ نندو شهر ۾ محمد حسين درس، عبدالرسول ملاح، اسماعيل ملاح، جمعون ڪولھي ڪڙيو گهنور ۾ امام علي شاھ، ڌڻي بخش خاصخيلي، سڪندر مهيشوري، ڊاڪٽر لالچند، ڊاڪٽر رامسنگ، اسماعيل مهيري، حسين مهيري، اشوڪ ڪمار، موهن لعل،عابد علي چانڊيو، شاهنواز ڪنڀر ڪوٽڙي ۾ مقصود جهتيال، ذاڪر گرگيز، اعجاز سومرو، محمد خان پنهور،عامر کوسو، حفيظ خاصخيلي، ذيشان چانڊيو، سمير علي کوسو، خالق گوپانگ، رضا سولنگي غوثپور ۾ سجاد بروھي راشد ڀيو نياز ڀيو ھيبت ڏاھاڻي شوڪت ڀيو غلام فريد اوڳاھي نظير اوڳاھي سائين بخش جعفري قدرت الله باجڪاڻي محمد خان درويش صيف الرحمان مصطفي آڪاش وزير بھلڪاڻي ذوالفقار بھلڪاڻي اياز قمبراڻي شڪارپور ۾ ايڊووڪيٽ احسان ميمڻ، ايڊووڪيٽ سيد محمد علي شاهه، ايڊووڪيٽ ظفر علي چنا ڄام صاحب ۾ ابراهيم بگٽي، ڪامريڊ مير محمد منگي، محمد حسن پلھ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سميت سنڌ جي مختلف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز ۽ تعلقي بار ايسوسيئيشنز پاران اياز لطيف پليجو کي نيشنل سائبر ڪرائيم ايجنسي جو نوٽيس جاري ڪرڻ خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته اياز لطيف پليجو کي جاري ڪيل نوٽيس فوري طور واپس ورتو وڃي