ترڪ پيٽروليم جي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ کوٽائي سان وڏي سيڙپڪاري ايندي: علي پرويز ملڪ

لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته ترڪ پيٽروليم پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ آف شور کوٽائي ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن کانپوءِ وڏي سيڙپڪاري ايندي.

لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي علي پرويز ملڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) عملي سياست تي يقين رکي ٿي، نواز شريف ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائي ناقابلِ شڪست بڻايو.

وفاقي وزير چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ دوران پاڪستان خطي ۾ امن ۽ تحفظ جي ضمانت ڏيندڙ طور سامهون آيو. مڪي گڏيل معاهدي تي سڄي قوم کي فخر آهي. سعودي عرب جي معاشي طاقت، ترڪيءَ جي ترقي ۽ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت اهم ڪردار ادا ڪندي.

علي پرويز ملڪ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي مهارت ۽ صلاحيتن جي سڄي دنيا شاهد آهي. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ دوران معاشي سطح تي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، پر وزيراعظم شهباز شريف ڏکيا فيصلا ڪندي ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي آندو. هاڻي ايندڙ منزل معاشي ميدان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ آهي.

پيٽروليم واري وزير چيو ته محدود وسيلن باوجود حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۽ تيل جي اگهن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي. پيٽرول اڄ به مهانگو آهي، پر ڪٿي به پيٽرول جي کوٽ پيدا ٿيڻ نه ڏني وئي. پاڙيسري ملڪن ۾ شناختي ڪارڊ ڏيکاري رڳو 2 ليٽر پيٽرول ڏنو پيو وڃي.

وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ ٻيهر چيو ته ترڪ پيٽروليم پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ آف شور کوٽائي ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن کانپوءِ وڏي سيڙپڪاري اچڻ جي اميد آهي.

You might also like