صدر جي خواهش سان جج نٿا لڳي سگهن:بئريسٽر عقيل ملڪ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته ڪنهن جي خواهش،ڪنهن جي فرمائش تي جج نٿا لڳي سگهن،جڊيشل ڪميشن پاران جيڪي به جج مقرر ڪيا ويا آهن اهي لاڳاپيل چيف جسٽس صاحبان جي منظوري سان ٿيا آهن،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ وفاقي آئيني عدالت،سپريم ڪورٽ،هاءِ ڪورٽن جا جج،سول سوسائٽي،اپوزيشن ۽ حڪومت جا ووٽ توهان جي سامهون آهن،جڊيشل ڪميشن ۾ سياستدانن کان وڌيڪ ججن جو انگ آهي،صدر پاران ججن جي سمري تي صحيح نه ڪرڻ آئيني بحران ضرور آهي،هن چيو ته صدر سمري تي صحيح نه ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي،جيڪڏهن منظوري نه ٿي ته قانون واري وزارت پنهنجي حساب سان فيصلو ڪندي،قانوني ٽيم صدر سان ملاقات ڪندي ته ان سان ڪهڙو مسئلو پيش اچي رهيو آهي

You might also like