ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن اداڪارا پريتي زنٽا کي سالگرهه جون واڌايون ڏيڻ باوجود جواب نه ملڻ تي دلچسپ انداز ۾ ڏوراپو ڏنو آهي.
پريتي زنٽا پنهنجي ايندڙ فلم ”بٽوارا-1947“ جي مشهوري مهم جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي ورهين کانپوءِ مشهور ڪوئز شو ”ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ ۾ مهمان طور شرڪت ڪرڻ واري آهي، جتي سندس ملاقات شو جي ميزبان اميتاڀ بچن سان ٿيندي.
شو جي نئين قسط جو جاري ڪيل پرومو مداحن جي خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. پرومو ۾ اميتاڀ بچن پريتي زنٽا کي چوندي نظر اچي ٿو ته ”مون کي توهان سان هڪ وڏي شڪايت آهي.“
ليجنڊري اداڪار چيو ته هو هر سال 31 جنوري تي پريتي زنٽا کي سندس سالگرهه جون واڌايون ڏيندو آهي، پر اداڪارا اڄ تائين هڪ ڀيرو به سندس واڌاين جو جواب ناهي ڏنو.
اميتاڀ بچن جي اوچتي شڪايت تي پريتي زنٽا دنگ رهجي وئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ اهو لمحو خوشگوار ۽ مزاحيه صورتحال ۾ تبديل ٿي ويو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اميتاڀ بچن ان کان اڳ به پريتي زنٽا سان ساڳيو ڏوراپو ڪري چڪو آهي.
تازو پرومو کانپوءِ مداحن ۾ تجسس وڌي ويو آهي ته پريتي زنٽا هن ڀيري اميتاڀ بچن جي شڪايت جو ڪهڙو جواب ڏيندي.
ڪجهه مداحن ٻنهي وچ ۾ ڪنهن اختلاف بابت به اندازا لڳايا، جڏهن ته سندن گفتگو ظاهري طور ڊگهي عرصي کان قائم دوستاڻن لاڳاپن ۽ خوشگوار ڀوڳ مذاق جو حصو نظر اچي ٿي.
هر سال توکي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيان ٿو، پر تون ڪڏهن جواب ناهي ڏنو“ اميتاڀ جو پريتيءَ کي ڏوراپو
You might also like