پ پ جي حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي\اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ميرٽ جي لتاڙ، ڪارو ڪاري ۽ بدامني لاقانونيت خلاف (اڄ) ڳڙهي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ محبت سنڌ پيادل مارچ ڪري جلسي عام ڪيو ويندو ٻئي پاسي اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جا ماڻھو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران سنڌو درياھ، زمينن، وسيلن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن،گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو آهي. پ پ جي  حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته  سنڌ جو ھاري، مزدور، استاد، شاگرد، نوجوان، عورت جيستائين پنھنجن حقن لاءِ اٿي کڙو نه ٿيندو تيستائين ڪرپٽ مافيا حڪمرانن مان نجات نه ملندي. حڪمرانن کي سنڌ جو عوام نه سنڌ جا وسيلا گھرجن. روزانو انھن وسيلن تي قبضن ۽ ڌاڙن جي منصوبابندي ڪئي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.