بي آءِ ايس پي ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ 6 لک 28 هزار عورتن جو وظيفو بند

لاهور(امداد سومرو)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) مان 6 لک 28 هزار 840 عورتن کي سندن وظيفي کان محروم ڪيو ويو آهي، اهو جواز ڏيئي ته انهن جي ”ري سرٽيفڪيشن“ (نئين تصديق) مڪمل نه ٿي۔اهي عورتون سنڌ جي 19 ضلعن مان آهن، جن ۾ ڪراچي، بدين، مٽياري، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، نوشهرو فيروز، شهيد بينظيرآباد، سکر، جيڪب آباد، ۽ قمبر شهدادڪوٽ شامل آهن۔بي آءِ ايس پي ذريعن مطابق، سروي 85 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو هو، تنهنڪري ايتريون عورتون خارج ڪرڻ غير منصفاڻو فيصلي لڳي ٿو،بي آءِ ايس پي پاران ان فيصلي جي وضاحت سامون نه آئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.