ٽنڊو الهيار، بلاول پبلڪ اسڪول 15 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيو

ٽنڊوالھيار (رپورٽ: حسرت لغاري) بلاول ڀٽو زرداري پبلڪ اسڪول ٽنڊوالھيار جو منصوبو 15 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيو آھي ۽ ڪروڙين روپيا خرچ ٿي چڪا آھن، ٿيل ڪم به ڪلر سبب تباھي تي پھچي ويو، حاصل ٿيل ڄاڻ موجب چمبڙ ٽنڊوالھيار روڊ تي ڀنڀرو کوھ ڀرسان 50 ايڪڙ ايراضي تي ٺھندڙ بلاول ڀٽو زرداري جي نالي سان منسوب پبلڪ اسڪول جو افتتاح 2010.11 ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ڪيو ھو، شروع ۾ ڪم شروع ڪرائيندڙ ٺيڪيدار جو نالو محمد انور سومرو ھو جيڪو بعد ۾ ھن نامڪمل منصوبي مان ھٿ ڪڍي ويو، موجوده ٺيڪيدار جو نالو حاجي عبدالرزاق ملاح ٻڌايو وڃي ٿو، ھن پبلڪ اسڪول جي تعميراتي ڪمن لاءِ وقت بوقت وڏيون رقمون جاري ٿينديون رھيون آھن پر 15 سالن کان لڳاتار پ پ پ جي سنڌ ۾ حڪومت ھجڻ باوجود منصوبو مڪمل نه ٿي سگھيو، ٻي پاسي ايڪسين ايجوڪيشن ورڪس ٽنڊوالھيار جي آفيس مان 13.04.2023 تي ھن نامڪمل پبلڪ اسڪول ۾ ھاسٽل جي تعمير لاءِ 46.683 ملين ۽ پرنسپل جي رھائش گاھ جي تعمير لاءِ 11.405 ملين روپين جون آڇون پڻ طلب ڪيون ويون ھيون، ان ڪم جو ڇا ٿيو، ڪابه خبر ناھي، علائقي جي عوام بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي آھي ته سندس نالي سان منصوب ھن پبلڪ اسڪول جي مامري جو تڪڙو نوٽيس وٺي ان کي مڪمل ڪرائي تعليمي عمل جاري ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.