سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن ۽ غيرقانوني طبي مرڪزن خلاف آپريشن، 12 هزار 882 اسپتال سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن طرفان 2019ع کان 2026ع تائين اٽڪل 14 هزار اسپتالن ۽ صحت مرڪزن جي رجسٽريشن ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن غير رجسٽرڊ ۽ غير قانوني طور هلندڙ 12 هزار 882 اسپتالن ۽ صحت مرڪزن کي سيل ڪيو ويو.
ذريعن موجب، ڪراچي جي وڏين سرڪاري اسپتالن، جن ۾ جناح اسپتال ۽ سول اسپتال شامل آهن، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن وٽ رجسٽرڊ نه هئڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سيل ڪيل اسپتالن ۽ ڪلينڪس کي ٻيهر کولرائڻ لاءِ سياسي، پوليس ۽ مقامي بااثر ماڻهن طرفان دٻاءُ وجهڻ جا واقعا پڻ سامهون آيا.
ذريعن موجب، عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني طبي مرڪزن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ سبب هيپاٽائيٽس، ايڇ آءِ وي، ايڊز ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارين جي پکڙجڻ جا خطرا پڻ وڌي رهيا آهن.

You might also like