ڪراچي(رپورٽ: عرفان بلوچ ) ڪراچي ۾ هوٽل مالڪ شهري کي ڦورو سمجهي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب لياري اولڊ حاجي ڪئمپ ۾ ڀٽو هوٽل جي مالڪ فائرنگ ڪئي، گولي لڳڻ سبب هڪ شخص زخمي ٿي پيو. زخمي شخص کي طبي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو. مقتول جي سڃاڻپ 24 سالن جي مصطفيٰ پٽ سڪندر جي نالي سان ٿي، پوليس جو چوڻ آهي ته هوٽل جو مالڪ ڪيش ڪائونٽر تي ويٺو هو ته اوچتو ٻه ماڻهو هوٽل ۾ داخل ٿيا، جن مان هڪ وٽ هٿيار به هو، هوٽل جي مالڪ سمجهو ته اهي ڦورو يا ٽارگيٽ ڪلر آهن، هن فائرنگ ڪئي نتيجي ۾ مصطفيٰ قتل ٿي ويو، واقعو غلط فهمي جي ڪري پيش آيو، ثناءُ الله پٽ عزيز الله خلاف ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، مقتول نوجوان پوليس سان ڪم ڪندو هو ۽ هوٽل ۾ فائرنگ جو واقعو غير قانوني پرڏيهين جي ڳولا دوران غلط فهمي جي ڪري پيش آيو.