ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) نبي سر ٿر ويجھو پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن سڌيون گوليون ھڻي هوٽل تي ويٺل ٻن پورهيت سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، لاشن تي ڪوڏر جا وار ڪري ڪٽيو ويو، ٽئين ڀاءُ لڪي جان بچائي، پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن هوٽل تي ويٺل پورهيتن تي حملو ڪري ڏنو، جوابدارن سڌيون گوليون ھڻي ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدارن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ سڄڻ خان چانڊيو واسي 2 سڳا ڀائر 25 سالن جو جان محمد چانڊيو ۽ 22 سالن جو صابر علي چانڊيو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جوابدارن لاشن کي به ڪوڏر سان ڪپيو ۽ لاشن تي ڪوڏر جا وار ڪندا رهيا، جڏھن ته مقتولن جي ٽئين ڀائر رجب علي چانڊيو لڪي ڀڄي جان بچائي ورتي، ڪنري اسپتال ۾ ٽن ڪلاڪن بعد مقتولن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، پوليس جي نفري ۽ چانڊيا برادري جا معزز رئيس گل زمان چانڊيو، محمد ڪريم چانڊيو، اڳوڻي ناظم منظور حسين نون سميت علائقي واسي وڏي انگ ۾ اسپتال پھچي ويا، واقعي کان پوءِ مقتولن جي گهر ۾ روڄ راڙو ۽ ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو، مقتول نوجوانن جي وارثن ٻڌايو ته مخالف ڌر سان پاڻ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ ھو ۽ پراڻي دشمني هلندڙ هئي جنهن ڪري واقعو پيش آيو آهي، ٽئي ڀائر ڊيم تي پورهيو ڪندا هئا، صبح سوير ڊيم تي وڃڻ لاءِ گهران نڪتا ۽ نبي سر ٿر ۾ ھوٽل تي چانھه پي رهيا هئا ته جوابدارن مٿن حملو ڪري ڏنو، جوابدارن ظلم ڪيو آھي انصاف فراھم ڪيو وڃي، ٻنھي مقتول جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا جتان وارث لاش کڻائي سندن ڳوٺ سڄڻ چانڊيو پهتا جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي، هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو ته نبي سر پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ موٽر سائيڪل پڻ هٿ ڪري ورتي آھي پر نبي سر پوليس جوابدارن کي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي، ڪيس داخل نه ٿيو، مقتولن جي پيل لاشن دوران به جيھڙو ٿي پيو، اسپتال جي مرده خاني ۾ مقتول نوجوانن جي پيل لاشن دوران مقتولن جي چاچن ۽ مائٽن ۾ جيھڙو ٿي ويو جنھن تي هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو ۽ پوليس تماشو ڏسندي رهي جنھن بعد ٻين ماڻھن وچ ۾ پئي جيھڙي کي ٽاريو.