پ پ سڄو نظام هڪ گهڙي ۾ پٽڙي تان لاهي سگهي ٿي\حسن مرتضيٰ

لاهور(بيورو)پيپلز پارٽي پنجاب جي سيڪريٽري جنرل سيد حسن مرتضيٰ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻنهي اتحادي جماعتن ۾ اختلاف راءِ ضرور آھي پر اسين جمهوري نظام کي ڊي ريل نه ٿيڻ ڏينداسين،ھن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جا شڪرگذار آھيون ته ھن اھو ئي فيصلو ڪيو جيڪو پيپلز پارٽي جو موقف رھيو آھي ته آبادگار ملڪ جي معيشت جي ريڙھ جي ھڏي آھن، سيد حسن مرتضيٰ چيو ته ڪڻڪ جي خريداري بند ڪرڻ سان آبادگار سخت متاثر ٿيا۔ اسان جو مطالبو 4000 رپيا في مڻ ھو پر حڪومت 3500 رپيا مقرر ڪيو۔ اڄ جڏھن قيمت وڌي آھي ته ڪڻڪ آبادگار وٽ ناھي پر وچولي ماڻھو وٽ آھي، جنھن کي ھاڻي فائدو ٿيندو۔ ھن سوال اٿاريو ته ڪھڙي ميڪينزم تحت ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي ڇاڪاڻ⁠ته پاسڪو کي ختم ڪيو ويو آھي،ھن چيو ته پنجاب حڪومت جي ترجمانن کي لفظن جي چونڊ ۾ احتياط ڪرڻ گھرجي۔ لوڪل باڊيز ايڪٽ تي تحفظات جي باوجود پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي،هن چيو ته پ پ انتقام ناهي وٺندي،شيون بهتر ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيندي آهي،سڄو نظام هڪ گهڙي ۾ ڊي ريل ڪري سگهجي ٿو پر پ پ تڪڙ بدران وڌيڪ بهتري جي ڪوشش جو فيصلو ڪيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.