اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزيرِ محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٻوڏ سبب ترقياتي اوسر تي اثر پيو آهي. جي ڊي پي گروٿ 4.2 فيصد متوقع هئي، پر هاڻ ان ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو دوران جڏهن سوال ڪيو ويو ته پاڪستان ڪلائيميٽ رسڪ انڊيڪس ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، ان سان پاڪستان جي معيشت تي ڇا اثر پئجي سگهي ٿو؟ ته جواب ۾ ناڻي واري وزيرِ چيو ته جڏهن کان مون کي هي ڄاڻ ملي آهي، مون هميشه چيو آهي ته اسان جا ٻه بنيادي مسئلا آهن، جن کي حل نه ڪيو ته 2047 ۾ جڏهن اسان قوم طور 100 سال پورا ڪنداسين. ناڻي واري وفاقي وزيرِ چيو ته ٻه ڪارڻ آهن، جيڪي اسان کي انهن هدفن کان پٺتي رهائي سگهن ٿا، اهي آهن موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي. موسمياتي تبديلي جي فريڪونسي ۽ شدت وڌندي پئي وڃي، ۽ تازو آيل ٻوڏ ان جو هڪ مثال آهي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال جي ڊي پي گروٿ 3 سيڪڙو هئي، ۽ هن سال اسان جو اندازو هو ته اوسر 4.2 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي، پر ٻوڏ سبب ان ۾ 0.2 کان 0.5 فيصد تائين گهٽتائي ٿي سگھي ٿي. پنجاب ۾ ٻوڏ سبب 80 سيڪڙو نقصان زراعت کي ٿيو آهي، ۽ اسان کي هن صورتحال تي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو سڄي ملڪ جو نقصان آهي. وزيرِ خزانه چيو ته وزيرِ اعظم شهباز شريف، وزيرِ موسمياتي تبديلي مصدق ملڪ کي ذميواري ڏني آهي ته هو موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ايندڙ 300 ڏينهن جو منصوبو تيار ڪن. اهي هن مسئلي تي قدم کڻي رهيا آهن. 2022 ۾ جڏهن ٻوڏ آئي هئي، اسان سمجهي رهيا هئاسين ته اهو شايد 10 سالن کان پوء ٻيهر ٿيندي، پر اها فقط 2-3 سال بعد ٻيهر اچي وئي. هن وڌيڪ چيو ته چيو وڃي ٿو ته خزاني ۾ گهڻي گهٽتائي آهي، پر ڇو ته مان پرائيويٽ سيڪٽر مان آيو آهيان، مان ٿورو پرائيويٽ ازم ۽ رئيئل ازم آڻڻ چاهيان ٿو ته جيڪو آهي، ان کي خرچ ڪري ڇڏيو، ان کي لازمي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، پوءِ اسان اربن ڊالرز جي ڳالھ ڪري سگهون ٿا. وزيرِ خزانه چيو ته 2022 ۾ اسان جون معاشي حالتون مختلف هيون، پر اڄ اسان پنهنجي پيرن تي بيٺا آهيون. اسان ڪيترائي هدف حاصل ڪري چڪا آهيون، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ريسڪيو ۽ رليف لاءِ اسان پنهنجن وسيلن کي استعمال ڪري سگھون ٿا.هن چيو ته جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ تعميرِ نو لاءِ بين الاقوامي امداد جي ضرورت پئي ته اسان ان کي طلب ڪرڻ گهرجي، پر مان اهو چوندس ته هن وقت جيڪي وسيلا اسان وٽ آهن، انهن کي خرچ ڪريو.