نيپرا، ڪي اليڪٽرڪ ٽيرف ۾ 7 رپيا 60 پيسا گهٽائي ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي-اليڪٽرڪ جي سراسري بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ 7.60 رپيا گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. نيپرا ڪي-اليڪٽرڪ جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ سپلائي ٽيرف سان لاڳاپيل نظرثاني درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو آهي. فيصلي جي تحت، نيپرا ڪي-اليڪٽرڪ جي سراسري ٽيرف کي 39.97 رپيا في يونٽ کان گهٽائي 32.37 رپيا في يونٽ ڪري ڇڏيو آهي. هي فيصلو ڪي-اليڪٽرڪ جي پيداوار، ٽرانسميشن، ورڇ ۽ سپلائي سان لاڳاپيل آهي. نيپرا عملدارن چيو ته دعوائن جي حق بابت نيپرا جو اڳوڻو فيصلو برقرار آهي، ۽ دعوائن جي حق جي لحاظ کان واهپيدارن تي 50 ارب رپين جو بار برقرار رکيو ويو آهي. ٻئي طرف، ڪي-اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته اهي نيپرا جي فيصلي جو تفصيل سان جائزو وٺي رهيا آهن. اهو فيصلو ڪي-اليڪٽرڪ جي پيداوار، ٽرانسميشن، ورڇ ۽ سپلائي ڪاروبار جي ڪيترن ئي رخن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته ڪمپني ان حوالي سان سڀئي قانوني طريقا اختيار ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.