ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 3 ارب سميت ڪيترائي منصوبا منظور

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي فنانس ڪميٽي ڪراچي سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ ايم-9 سپر هاءِ وي تان ضلعي ملير جي 35 ڳوٺن کي پاڻي فراهم ڪرڻ، نون رستن جي تعمير، انفراسٽرڪچر جي بهتري، ۽ پاڻي ۽ سيوريج جا منصوبا منظور ڪيا ويا. عورتن لاءِ اليڪٽرانڪ بائيڪس جي خريداري لاءِ 299 ملين رپيا، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو 1122 جي ملازمن جي پگهارن ۽ صحت کاتي لاءِ ويڪسين خريداري به منظور ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪلچر، ماحوليات ۽ سياحت سميت مختلف کاتن لاءِ 2.99 ارب رپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ ڪابينا جي فنانس ڪميٽي جو اهم اجلاس صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سڀني کاتن جا سيڪريٽري موجود هئا. صوبائي وزيرن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. فنانس ڪميٽي جي اجلاس ۾، اي ڊي پي اسڪيم 3332 تحت نوابشاهه کان سعيد آباد تائين روڊ جي تعمير جي قيمت ۾ واڌ ۽ نوابشاهه تائين سيوريج سسٽم جي تعمير جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪي ڊي اي تحت ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري، نون روڊن جي تعمير، پاڻي ۽ سيوريج جي مختلف منصوبن ۽ ورڪس، ڪلچر ۽ سياحت، قانون، ماحول، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي جي مختلف منصوبن لاءِ 2.99 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.