اوٻاوڙو ۾ قتل ٿيل 3 پورهيتن جا لاش رکي ڌرڻو

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي ۾ قبائلي تڪرار ۾ ٺاپر نه اچي سگھي، هڪ ڏينهن اڳ شر ڌونڌو پراڻي تڪرار سبب شر برادري جي ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل کير کپائيندڙ ٽن پورهيتن اسلم ڌونڌو، ايوب ڌونڌو، راڻو ڌونڌو جي وارثن ۽ برادري جي سوين ماڻھن مقتولن جا لاش کڻي قومي شاھراهه رکي احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو هڻي قومي شاھراهه ٻنھي پاسن بند ڪري ڇڏيو جنھن سبب سنڌ ۽ پنجاب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي مقتولن جي وارثن عيدن ڌونڌن، مومن ڌونڌن، الھڏتو ڌونڌو، وسند ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اوٻاوڙو پوليس جي نااھلي سبب اھڙو واقعو پيش آيو آھي، ڏوھاري ڪچي کان نڪري پڪي تي اچي لانگھي روڊ تي فائرنگ ڪري اسلم، ايوب  ۽ راڻي ڌونڌو  قتل ڪري فرار ٿي ويا مقتول جيڪي اوٻاوڙو ۾ کير وڪرو ڪري گھر اچي رھيا ھئا ته شر برادري جي ھٿيار بندن روڊ تي سري عام حملو اسان جي ٽن جوانن کي شھيد ڪيو آھي اطلاع باوجود اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي اسين پنھنجي مقتولن جا لاش پنھنجي ڪلھن تي کڻي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايا مگر پوليس ھن وقت تائين جوابدارن خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪيون ٿا ته ھو پاڻ مرادو نوٽس وٺي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان جي ناحق قتل ٿيل ٽنھي نوجوانن جي خون سان انصاف ڪري اسان کي تحفظ فرھم ڪيو وڃي، ھوڏانھن ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو قومي شاھره تي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي جي خاطري ڪرائي جنھن بعد وارثن مقتولن جا لاش کڻي روڊ کولي ڇڏيو، ھوڏانھن مقتول جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳوڻن ڳوٺاڻن ۽ شھرين وڏي انگ شرڪت ڪئي   جنھن بعد مقتولن جا مڙھ اباڻي لانگھو روڊ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا جڏھن ته واقعي کان پوءِ علائقي ۾خوف حراس پکڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.