بخشاپور ڀرسان مبينا طور ڀتو نه ڏيڻ تان نوجوان قتل، لاش رکي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ/ بخشاپور (رپورٽ: ممتاز سنڌي/ زاهد بڊاڻي) بخشاپور ٿاڻي جي حد زور ڳڙه ۾ مبينا طور ڀتو نه ملڻ تي جکراڻي برادري سان تعلق رکندڙ هٿياربندن سارين جو لابارو ڪندڙ گولا برادري جي ماڻهن مٿان جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ هڪ نوجوان حفيظ الله گولو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن فائرنگ ۾ هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هٿياربندن ٻن ڪلاڪن تائين ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي فائرنگ جو سلسلو جاري رکيو ڳوٺاڻن پاران جوابي فائرنگ ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته مقتول جي وارثن لاش زور ڳڙهه انڊس هاءِ وي تي رکي ٽي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ڊي ايس پي سيد اصغر شاهه جي خاطري بعد سردار محمد صلاح خان گولو ڌرڻي ۾ پهچي روڊ کولرائي ڇڏيو، ان موقعي تي مقتول جي وارثن حاجي خان گولو دودو، حاڪم علي مقدم امام الدين گولو ۽ ٻين چيو ته ڪجھه ڏينهن کان وٺي جکراڻي برادري سان تعلق رکندڙ ڏوهاري ڀتي لاءِ تنگ ڪندا هئا، انڪار ڪرڻ تي انهن اڄ حملو ڪيو آهي، هنن الزام لڳائيندي چيو ته اهڙي دانهن حد جي پوليس کي ڏيڻ باوجود هنن ڪنهن به قسم جي ڪوشش نه ڪئي ۽ اڄ واقعي ٿيڻ باوجود به ايس ايڇ او سڪندر پهنور پيٽرول جي مد ۾ هڪ لک جي گهر ڪري ٿو، ٻئي طرف سردار محمد صلاح گولو چيو ته اسان جي قوم جي شرافت کي لوفر ڪمزوري سمجهڻ لڳا آهن پر پوليس ڪمانڊر ايس ايس پي محمد مراد گهانگهرو مان پر اميد آهيون هو جلد جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻيندو واقعي تي ڏاڍو ڏک رسيو آهي هن کي ڏک ڏک جي گهڙي ۾ مان وارثن سان برابر جو شريڪ آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.