خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو) خيرپور مان دل ڏاريندڙ واقعي، خيرپور جي مشھور واپاري ۽ کجور منڊي جي صدر بشير آرائين جي پٽ نويد آرائين جي زال پاران 4 ٻارن ۽ مڙس کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي آواز تي سوين علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهچي ويا، اطلاع تي حد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، علائقي ۾ خوف ۽ حراس آپگهات ڪندڙ عورت پاران آپگهات ڪرڻ کان پھريان پنھنجي آڊيو رڪارڊنگ ڪرڻ بعد مڙس جي واٽس آپ تي لڳائي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد پراڻي قومي شاهراهه ڪراچي روڊ تي مريم توب ڀرسان ھڪ انتھائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آھي، جتي خيرپور جي مشهور واپاري ۽ کجور منڊي جي صدر بشير آرائين جي نوجوان پٽ نويد آرائين جي گهر ۾ نوجوان نويد آرائين جي زال مسمات اقصيٰ آرائين پنهنجي مڙس ۽ معصوم ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان فائرنگ ڪري زندگي جو انت آندو آھي تفصيل موجب، نويد آرائين ۽ سندس زال اقصيٰ ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو، جنهن دوران عورت ڪاوڙ ۾ اچي انتهائي خوفناڪ قدم کنيو ۽ هن پنهنجي مڙس نويد آرائين ۽ ٻارن 8سالن جي احمد علي،7 سالن جي علي شير ، 4سالن جي موسيٰ ۽ 2سالن جي معصوم نينگري مصورا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن بعد اقصيٰ پاڻ کي به فائر ڪري ماري وڌو ۽ فائرنگ جي آوازن تي وڏو انگ ۾ علائقي واسي واقعي واري هنڌ پھتا ۽ اطلاع تي حد جي پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي جن لاشن کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال خيرپور منتقل ويو، واقعي بعد سڄي علائقي ۾ سوڳ جو ماحول ڇانئجي ويو آھي ۽ مقتولن جي گهر ۾ پڻ ڪهرام مچي ويو آھي آھي،پوليس موجب واقعو گھرو اڻبڻت تان پيش آيو آھي ۽ واقعي جي هر پهلوءَ سان جاچ جاري آهي جڏھن تہ شروعاتي طور ان کي گهريلو جهيڙي جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي، ھوڏانھن خيرپور جي شهرين ۽ ڪاروباري برادريءَ پاران هن دل ڏاريندڙ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته سماج ۾ وڌندڙ ذهني دٻاءُ ۽ گهرن ۾ جهيڙن جا اهڙا واقعا سماجي الميو بڻجي رهيا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ شعور ۽ سهپ وڌائڻ ضروري آهي، جڏهن ته واقعي سبب خيرپور جي ھر اک آلي آهي ۽ شھر ۾ سوڳ جو ماحول آھي.
-
سُهري سڄي زندگي ٻين عورتن سان تعلق رکيا
خيرپور:خيرپور مڙس ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪندڙ اقصيٰ آرائين ٻئي آڊيو ۾ پنهنجي سهري کجور منڊي جو صدر محمد بشير احمد آرائين جي باري ۾ ڳالهائي هوءَ ان تي الزام لڳائي ٿي ته هو خيرپور جي کجور منڊي جو صدر آهي پر ڪوڙو معزز بڻجي ٿو، هوءَ ٻڌائي ٿي ته هن سڄي زندگي ٻين عورتن سان تعلق رکيا ۽ ٻي شادي ڪري پنهنجي پهرين زال کي ڏک ڏئي، تڙپائي تڙپائي ماري ڇڏيو، جيڪا آخرڪار ڪينسر جي ڪري مري وئي عورت وڌيڪ الزام لڳائي ٿي ته سهري جا سڀئي پٽن (يعني سندس مڙس ۽ سندس ڀائر) جا به ساڳيا ڪم ڪن ٿا هوءَ دعويٰ ڪري ٿي ته هنن پنهنجي زالن کي ذليل ڪيو آهي ۽ اهي ماڻهو ٻين جي ڌيئرن کي گهر ۾ آڻي انهن جي زندگي تباهه ڪن ٿا هوءَ انهن تي الزام لڳائي ٿي ته سندن ناجائز لاڳاپا ۽ نشا ختم نٿا ٿين ۽ هنن ٻين ڇوڪرين کي گهر آڻي سندن زندگيون برباد ڪري ڇڏيون آهن آخر ۾، هوءَ زور ڀري ٿي ته اها خاندان ٻين ماڻهن لاءِ هڪ عبرت جو نشان آهي جيڪي ٻين جي ڌيئرن کي گهر آڻي زندگيون برباد ڪن ٿا ۽ ٻين عورتن سان تعلق ۾ رهندا آهن ۽ سندن زالون گهر ۾ روئن ۽ عذاب ۾ مبتلا رهن ٿيون عورت ٻين عورتن کي صلاح ڏئي ٿي ته هو ظلم ۽ زيادتي برداشت نه ڪن ۽ پنهنجي حق لاءِ وڙهن آواز اٿارين.
-
نويد سان نڪاح ڪيو هو، مون کي بدنام ڪيو پيو وڃي: ٻي زال حرا
خيرپور: خيرپور عورت پاران مڙس ۽ ٻارن کي قتل بعد آپگهات ڪرڻ وارو مامرو، عورت پاران آڊيو بيان ۾ مڙس جي ٻئي زال ۽ زميوار ڪرار ڏيندڙ عورت حرا پاران وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئيجنهن ۾ عورت دعويٰ ڪندي چئي رهي آهي ته مان مقتول نويد آرائين جي زال آهي، جنهن کي هن جي زال اقصيٰ سندس ٻارن سميت قتل ڪري ڇڏيو آهي وڊيو ۾ عورت اهو به ٻڌائي ٿي ته نويد آرائين سان هن نڪاح ڪيو هو ۽ هاڻي سوشل ميڊيا تي سندس بدنامي ڪئي پئي وڃي، سندس وٽ پڪا ثبوت، جن ۾ نڪاح نامو ۽ سندس رشتو وٺڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جون تصويرون ۽ چيٽ موجود آهن، هن وڊيو ذريعي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندس پيءُ، يا ڀائرن کي ڪا به تڪليف پهتي ته هوءَ ڪنهن کي به نه ڇڏيندي، ٽن سالن تائين هن نويد آرائين جي خاندان جا ظلم ۽ بدنامي برداشت ڪيا آهن، پر هاڻي هوءَ خاموش نه رهندي، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته مون کان مڙس ڦريو ويو آهي، اسان ٻئي خوش هئاسين.
-
انتهائي قدم کڻندڙ عورت واقعي کان اڳ سوشل ميڊيا تي وڊيو اسٽيٽس لڳايو
خيرپور: خيرپور مڙس ۽ ٻارڻ کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪندڙ عورت اقصيٰ پاران پاڻ مٿان فائر ڪرڻ کان پھريان پنھنجي مڙس جي سوشل ميڊيا تي ويڊيو اسٽيٽس لڳايو آھي جنھن ۾ ھو چئي پئي تہ سندس منھنجي مڙس کي ھڪ شخص جنهن جو نالو علي مراد آهي ۽ جيڪو خيرپور جي کجور منڊي ۾ ڪم ڪندو هيو ۽ ان ويڊيو ۾ ھو علي مراد ۽ ان جي پٽن تي الزام هڻي رهي آهي ته انھن پنھنجي ڌيءَ ڀيڻ جي شادي ھن مڙس سان ڪرائي منھنجو گهر تباهه ڪيو عورت وڊيو ۾ ڏيکاريل ماڻهن لاءِ سخت لفظ استعمال ڪري رهي آهي ۽ ان وڊيو کي وائرل ڪرڻ جي اپيل ڪري رهي آهي ته جيئن اهي ماڻهو پوري ملڪ ۾ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهن ۽ انھن خلاف ڪارروائي ٿي سگھي هوءَ ان ڳالهه جو به ذڪر ڪري ٿي ته اهي ماڻهو پنھنجي ڀيڻ کي موڪليندا هئا ۽ هر ڀيري 10-20 هزار رپيا سندس مڙس وٺندا هئا ۽ ويڊيو ۾ آپگھات ڪندڙ اقصيٰ ھڪ عورت تي سندس مڙس سان شادي ڪري هن جو گهر تباھ ڪرڻ ۽ سندس ٻارن کان پيءُ جي ڇنڻ جو الزام پڻ لڳائي ٿي، اقصيٰ وڊيو ڏسندڙن کي اپيل ڪري ٿي ته ان وڊيو کي ان حد تائين وائرل ڪن ته اها عورت ۽ سندس خاندان جا ماڻهو ڪنهن کي به منهن ڏيکارڻ لائق نه رهن، جڏھن ته واقعي بعد شهرين سول سوسائٽي جي ماڻهن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي گھڻ رخي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.