ڪراچي (م ڊ) عالمي مانيٽرنگ پليٽفارم آءِ ڪيو ايئر موجب لاهور ۽ ڪراچي دنيا جي پنج سڀ کان وڌيڪ گدلن شهرن ۾ شامل ٿي ويا آهن، جڏهن ته نئين دهلي پهرين نمبر تي آهي. رپورٽ مطابق لاهور جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس (AQI) 234 ۽ ڪراچي جو 182 رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪي صحت لاءِ نقصانڪار آهن. آءِ ڪيو ايئر شهرين کي صلاح ڏني آهي ته ماسڪ پائين، ايئر پيوريفائر استعمال ڪن ۽ ٻاهرين سرگرمين کان پاسو ڪن. پنجاب حڪومت اسموگ خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڏياري ملهائڻ کانپوءِ لاڳاپيل علائقن ۾ فضائي گدلاڻ ۾ واڌرو ڏسڻ ۾ آيو آهي. فضائي گدلاڻ جا مکيا سبب صنعتي اخراج، گاڏين جو دونهون، فصلن جي باقيات کي ساڙڻ، ۽ هوائن جي حرڪت شامل آهن. عالمي ادارن موجب، پاڪستان ۾ هر سال اڍائي لک ماڻهو فضائي گدلاڻ سبب فوت ٿين ٿا.