ڊينگي وائرس وڌي ويو، ڪراچي ۾ 124 ڪيس رپورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ڊينگي حملن جو سلسلو جاري آهي، ڪيسن جو انگ 920 ٿي ويو، سنڌ ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ جاري آهي، صحت کاتي جي تازي رپورٽ موجب هن سال ڊينگي جا 920 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، تفصيل موجب گهڻا ڪيس ڪراچي ڊويزن مان سامهون آيا آهن، صحت کاتي جي انگن اکرن موجب هن مهيني ۾ سڄي صوبي مان 276 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن بعد سال 2025 دوران ڊينگي ڪيسن جو مجموعي انگ 920 ٿي ويو، ڪراچي ڊويزن سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي جتي 124 ڪيس رپورٽ ٿيا، حيدرآباد ۾ 82، ميرپورخاص ۾ 58، سکر ۾ 9، شهيد بينظيرآباد ۾ 2 ۽ لاڙڪاڻه ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پچوهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ڊينگي خلاف مهم وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي آهي۔ سڀني ضلعن ۾ اسپري، فوگنگ ۽ نيڪالِ آب جو نظام بهتر بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ضلعي صحت عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به هنڌ پاڻي گڏ نه رهڻ ڏنو وڃي، ڇو ته اهو مڇرن جي واڌ جو وڏو سبب آهي، صحت واري وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جون ڊينگي مانيٽرنگ ٽيمون روزاني بنيادن تي متاثر علائقن ۾ سرگرم آهن ۽ صورتحال جو لڳاتار جائزو وٺي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.