پرڏيهه مان اربين رپين ۾ڪڻڪ خريد ڪرڻ بدران مقامي آبادگارن کان ورتي وڃي

                 اسان اهو لکندا رهيا آهيون ته هن وقت ملڪ اندر ٻن تجربيڪار اقتداري جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي اتحادي حڪومت قائم آهي جنهن جو ثمر هاڻي پارليامينٽ، جمهوريت ۽ عوام کي سئو سيڪڙو ملڻ گهرجي پر  افسوس ته اسان جي خواهش جي ابتڙ معاملو هلي رهيو آهي جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته انهن ٻنهي اقتداري جماعتن ۽ ان جي اڳواڻن جو رويو ۽ جذبو اڃان تائين جمهوري ناهي ٿي سگهيو پر اهي هاڻي به پارٽي مفادن تائين محدود آهن پر جيڪڏهن اهي ٻه تجربيڪار سياسي جماعتون هڪٻئي جي مئنڊيٽ جو احترام ڪن ۽ هڪ ٻئي جي سهاري پارليامينٽ، جمهوريت ۽ عوام جي مفاد ۾ ڪم ڪن، هڪٻئي جي صلاحن تي هلن ۽ انهن صلاحن يا تجويزن کي انا جو مسئلو نه بڻائن ته جيڪر سڀ ڪجهه درست رخ ۾ هلي ۽ اتحادي حڪومت جو تجربو به ڪامياب ۽ يادگار ٿي وڃي.

                  اها به حقيقت آهي ته هي ٻئي جماعتون جئين ته ماضيءَ ۾ هڪٻئي جون سخت مخالف ۽ چونڊن ۾ مقابلي واريون نمبر ون ۽ ٽو جماعتون رهيون آهن ان ڪري اهي فطري طور ۽ نظرياتي طور هڪٻئي جي ويجهو ناهن. البت سندن مشترڪه شئي اها آهي ته ٻئي پارلياماني ۽ اقتداري وڏيون جماعتون رهيون آهن. بهر حال پنهنجو چوڻ اهو آهي ته جڏهن انهن ٻن مخالف جماعتن کي حالتن گڏ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي ته ان سونهري ۽ يادگار موقعي جو پارليامينٽ، جمهوريت ۽ عوام کي فائدو ملڻ گهرجي پر ايئن ٿئي نه ٿو. ٻيو ته ڇڏيو پر اهي جماعتون ۽ انهن جا اڳواڻ هڪٻئي طرفان مليل مشورن ۽ تجويزن کي به مثبت نموني نٿا وٺڻ ۽ بيان بازين، ڪج بحثن  ۾ پئي پاڻ  تي جڳ کلائي رهيا آهن. مطلب ته پنهنجن روين مان تجربي ڪار جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻ هئڻ جو ورتاءُ نه ڏيکاري سگهيا آهن. مثال طور پنجاب ۾ هن سال تمام وڏي ٻوڏ آئي ته ان تي پ پ اڳواڻن جيڪا سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سا غلط هئي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻن کي عالم آشڪار تنقيد نه ڪرڻ گهرجي ها جنهن جي جواب ۾  وري پنجاب حڪومت جي خاتون وزيراعليٰ ۽ ٻين وزيرن جوابي تقريرون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ضد ۾ اچي سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. خير وچ وارن وچ ۾ اچي تلخ تقريرن ۽ بيان بازي کي روڪرايو.

هاڻي وري رپورٽون آهن ته ڪڻڪ جي امدادي اگهه بابت وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ تڪرار شروع ٿي ويو آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ان کي تڪرار سمجهڻ ئي نه گهرجي. وفاقي حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3500 روپيا مقرر ڪيو آهي جنهن تي پ پ جو کين مشورو آهي ته بجاءِ ان جي ته اوهان اربين روپين جي پرڏيهه مان ڪڻڪ خريد ڪري گهرايو تنهن کان بهتر آهي ته مقامي آبادگارن ۽ هارين کان مناسب اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪيو. وفاقي حڪومت تي  پ پ سميت سڀ مخالف سياسي ۽ مذهبي جماعتون پڻ تنقيد ڪري رهيون آهن ته ٻاهرين ملڪن جي آباد گارن ۽ هارين کي وڌيڪ اگهه ڏيڻ بدران مقامي آبادگارن گهٽ ۾ گهٽ 42 سئو روپيا في مڻ تي ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ امداد قاضي جو به اهو موقف درست آهي ته ”بجلي، زرعي، دوائون، ڊيزل وغيره جنهن حساب سان مهانگا ٿيا آهن ته زرعي جنسن جي اگهن کي به ان مناسبت سان مقرر ڪرڻ گهرجن. پر ڪڻڪ جو اگهه في مڻ 3500 روپيا مقرر ڪرڻ مقامي آبادگارن سان ظلم آهي. گهٽ ۾ گهٽ 4 هزار في مڻ اگهه هئڻ گهرجي.

هوڏانهن ڪسان اتحاد جي اڳواڻ چيو  آهي ته هاري ۽ آبادگار اصل ۾ پنهنجي محنت جو جائز معاوضو ٿو گهري خيرات نه ٿو گهري. ٻوڏن اڳ ۾ ئي هارين ۽ آبادگارن کي معاشي طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ويتر جو ڪڻڪ جو اگهه به گهٽ ڏنو ويندو ته هارين ۽ آبادگارن جي ڪيئن همت افزائي ٿي سگهندي. ڪسان اتحاد پاڪستان جي چيئرمين خالد حسين حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته ڪڻڪ جو سرڪاري ريٽ گهٽ ۾ گهٽ 4500  رپيا في مڻ مقرر نه ڪيو ويو ته ملڪ جا آبادگار ايندڙ سيزن ۾ ڪڻڪ جي پوک نه ڪندا. هڪ تجزئي نگار موجوده صورتحال تي تجزيو ڪندي چيو آهي وفاقي حڪومت طرفان ڪڻڪ جو اگهه گهٽ ٿيڻ سان اٽي جي کوٽ ۽ بحران جو به خدشو وڌي ويو آهي. پوءِ ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت ٻاهرين  ملڪ مان ڪڻڪ گهرائيندي. سندس چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي ان ناقص پاليسي جي ڪري سنڌ ۾ 12 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن کي پوءِ ڪير خريد به نه ڪندو. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کي بهترين صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن آبادگارن کي ڪڻڪ جو مناسب اگهه نه ڏنو ويندو ۽ نتيجي ۾ اهو ڪڻڪ جو فصل نه پوکيندو ته پوءِ اربين رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي ان ڪري بهتر آهي ته مقامي آبادگارن کان ڪڻڪ 4200 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌي ۽ هاري خوشحال ٿين.

اسان جو خيال آهي ته وفاقي حڪومت کي تنقيد ۽ صلاحون توڙي تجويزون ٻڌڻ جي صلاحيت وڌائڻ گهرجي، اهو ئي جمهوري رويو آهي. خاص ڪري پنهنجي اتحادي جماعت ۽ ملڪ جي تجربي ڪار اقتداري جماعت پ پ جي راين ۽ تجويزن کي تحمل سان ٻڌي. پ پ جي اڳواڻن کي به گهرجي ته اهي مسلم ليگ (ن) کي اهو تاثر نه ڏئي ته پ پ سياسي بيان بازي ڪري پنهنجو گرائونڊ ٺاهي  رهي آهي. اهڙيون صلاحون اندروني طور به ڏئي سگهجن ٿيون پر جيئن ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي تنهن ڪري سڀني کي گڏکڻي هلڻ ان جي به ذميواري آهي. اسان ته ان جرئت جا به قائل آهيون ته شل ڪا اهڙي حڪومت اچي جيڪا اپوزيشن کي به حڪومت جو حصو بڻائي ۽ ان جي ڪنهن ميمبر کي به وزارت ڏيڻ جو عظيم مثال قائم ڪري ڇاڪاڻ ته ڪنهن به حڪومت جو ڪم رڳو پارٽي مفاد نه هئڻ گهرجي پر مجموعي طور تي سڄي پارليامنيٽ کي گڏ کڻي هلڻ جي مفاد کي اوليت ڏيڻ گهرجي.

بهرحال هتي جو اصل موضوع جيئن ته ملڪي زراعت جو آهي جيڪا اسان جي ملڪ جي سڀ کان وڏي معاشي سگهه رهي آهي تنهن جي بحالي، بهتري، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي حڪومت کي گڏيل ۽ جامع پاليسي جوڙڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ملڪي زراعت گذريل 20 سالن کان تباهي ۽ بحران جي ور چڙهيل آهي. حڪومت نه ڪمند، نه سارين ۽ نه ئي ڪڻڪ جا مناسب اگهه مقرر ڪري ٿي جنهن سبب ملڪ جا آبادگار توبهه تائب ڪري آئينده فصل نه پوکڻ جو چتاءُ ڏيڻ لڳا آهن جيڪڏهن بقول شرجيل انعام جي جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پوءِ حڪومت کي پرڏيهه مان ئي اربين روپين ۾ ڪڻڪ خريد ڪرڻي پوندي تنهن کان بهتر اهو آهي ته حڪومت مقامي زراعت جي همت افزائي ڪري ۽ مقامي آبادگارن کان ئي ڪڻڪ خريد ڪري ته اها بهترين پاليسي چئبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.