آءِ ايم ايف پاران معاشي ترقي ۾ رنڊڪ ۽ مهانگائي وڌڻ جو خدشو ظاهر

اسلام آباد (بيورو) آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ معيشت تي تازي ٻوڏ جي ناڪاري اثرن جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. آءِ ايم ايف پنهنجي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته معاشي انگن اکرن جو توازن بگڙي سگهي ٿو. هن سال، معاشي ترقي جي شرح 4.2 سيڪڙو جي هدف جي ڀيٽ ۾ 3.6 سيڪڙو رهندي. مهانگائي پڻ ٻيهر وڌي ويندي. 2025 جي ٽئين ٽه ماهي ۾ ٻوڏ جي ڪري معاشي واڌ، مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ اميد کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا. معاشي پاليسين جي تسلسل جي نتيجي ۾، ايندڙ پنجن سالن ۾، يعني 2030 تائين، معاشي ترقي جي شرح 4.5 سيڪڙو تائين وڌي ويندي. بجلي تي سبسڊي ختم ٿيڻ ۽ ٽيرف جي معمول تي اچڻ سان به دٻاءُ وڌندو. رپورٽ موجب، علائقائي ڇڪتاڻ به خطي ۾ معاشي ترقي کي متاثر ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.