حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آھي نسيم نگر پوليس چيڪ پوسٽ جي حد الشھباز ڪالوني ۾ حنيف مري فائرنگ ڪري پنھنجي 48 سالن جي امڙ رخسا نه زال محمد ايوب مري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو واقعي جي اطلاع تي ايس ايڇ اور نسيم نگر عبدالمالڪ ابڙو پوليس ٽيم سميت پھچي لاش کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪرايو. جتان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب ابتدائي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته واقعو گھرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، گھر ۾ سس ۽ ننھن جو ڪنھن نه ڪنھن ڳالھ تان جھيڙو ٿيندو رھندو ھو، ان ڳالھ تان پٽ مڇرجي پنهنجي ماءُ کي گوليون ھنيون، مقتولڻ کي چار گوليون لڳل آھن، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو ھو جنھن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
-
ڪراچي ۾ قرضي بڻيل پيءُ ٻن ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد جي ڪوثر نيازي ڪالوني ۾ هڪ وحشي پيءُ مالي تنگي ۽ قرض جي دٻاءَ هيٺ اچي پنهنجي ٻن معصوم ڌيئرن جا ڳلا ڪپي ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب قتل ٿيل ٻارن جي سڃاڻپ 10 ورهين جي زينب ۽ 11 ورهين جي عاليه طور ٿي آهي، پوليس جوابدار اڪبر ولد عبدالستار کي گرفتار ڪري واقعي ۾ استعمال ٿيل اوزار هٿ ڪري ورتو، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو ته جوابدار سخت مالي تڪليفن ۽ قرض جي دٻاءُ هيٺ هو، کيس 6 ٻار آهن جن ۾ هڪ پٽ ۽ پنج نياڻيون شامل آهن، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پاڙي وارن جوابدار کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، پر پوليس پهچي جوابدار کي ماڻهن جي گهيري مان ڇڏائي ورتو، علائقي واسي واقعو ڏسي سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويا، جوابدار کي ماري رهيا هئا، علائقي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا، واقعي بعد علائقي ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل رهي.
-
شڪارپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل
شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور شھر جي ٽرڪ اڏي واري علائقي ۾ ٻن موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿان نوجوان قتل، گذريل ڏينهن شڪارپور شھر جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ڪهڪشان اسڪول جي سامھون بيٽرين جي دوڪاندار جاويد مھر ولد محمد حيات مھر مٿان اڻڄاتل ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ، واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور پھچايو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
-
رستم ويجهو مهر- جتوئي تڪرار تان پيءُ پٽ اغوا کانپوءِ قتل
لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) رستم ويجهو مهر، جتوئي تڪرار تان پيءُ پٽ اغوا بعد قتل، علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب خوف حراس پکڙجي ويو، ايس ايس پي شڪارپور واقعي جو نوٽيس ورتو، ڳوٺ جمعو مھر تي ڊرون ذريعي مارٽر گولا فائر ڪيا ويا ،گهربل هٿياربند فرار ٿي ويا، رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻورڙي ويجهو مهر، جتوئي تڪرار تان مھر برادري جي هٿياربندن ڳوٺ علي مراد گراناڻي جتوئي مان ساريون کڻي شڪارپور ويندڙ رڪشا لوڊر تان ٻن ڄڻن پيءُ پٽ نور احمد عرف نورل گراناڻي جتوئي امير علي گراناڻي جتوئي کي اغوا ڪري ڳوٺ جمعو مھر ويجهو قتل ڪري ڇڏيو، لاش رستي تي ڦٽا ڪيا ويا، اطلاع تي رستم پوليس پهچي مقتولن جا لاش هٿ ڪري خانپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، وارث مقتولن جا لاش سکر جي نيو سٽي اسڪول ويجهو گهر پهچايا ويا جتي ڪهرام مچي ويو، واقعي جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي ڳوٺ جمعو مھر مٿان ڊرون ذريعي 3 عدد مارٽر گولا فائر ڪيا ويا پر جوابدار فرار ٿي ويا آهن ٻئي طرف مهر برادري جي هٿياربندن ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد ڳوٺ جمعو مھر جشن ملهائي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي آهي، هوڏانهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب خوف حراس پکڙجي ويو آهي، مهر جتوئي ڇڪتاڻ دروان ٻنهي ڌرين جا 20 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ 8 جتوئي 12 مهر شامل آهن تڪرار سبب لکي غلام شاهه خانپور شڪارپور چڪ رستم شهرن سميت مختلف ڳوٺ هڪٻئي لاءِ نوگو ايريا بڻجي ويا آهن.
-
پٿوري ڀرسان گهرو اڻبڻت تان نشي ۾ڌت جوابدار زال ماري وڌي
پٿورو(ن ع آ) پٿورو ڀرسان ڏياري جي ڏينھن صوفي فقير ٿاڻي جي حد ڳوٺ رمضان نوھڙي ۾ گھرو اڻبڻت تان نشي ۾ڌت جوابدار ڀيمون ڪولھي پاران ڪھاڙين جا وار ڪري پنھنجي نوجوان زال موڙي ڪولھڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، زال جي قتل بعد ڏياري جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون اطلاع ملڻ تي صوفي فقير ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھند پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال عمرڪوٽ کڻائي وئي، جڏھن ته جوبدار ڀيمون ڪولھي کي گرفتار ڪري ورتو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.