عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي اجلاس ۾ ججز جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي بحث غير آئيني آهي\جسٽس منصور شاهه جسٽس منيب اختر

اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر طرفان جوڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط سامهون اچي ويو آهي. ٻنهي جسٽس طرفان اهو خط 17 آڪٽوبر تي ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ گڏيل ترميمن جي حوالي سان جوڊيشل ڪائونسل کي لکيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسان جوڊيشل ڪونسل اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجا ڪمنٽس اجلاس جي شروع ٿيڻ ۾ جمع ڪرايا هئا.خط ۾ چيو ويو ته اسان وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿياسين ۽ خراب انٽرنيٽ جي باوجود پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان يقيني بنايو هو ته صحيح ٿيل ڪاپي 20 آڪٽوبر تي اجلاس کان پوءِ جمع ڪرائي ويندي.خط جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي اجلاس ۾ پيش ايندڙ غير آئيني اڳڀرائي کان پوءِ اسان پنهنجون صحيحون ٿيل خط لکي رهيا آهيون. جوڊيشل ڪونسل اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ قومي عدالتي پاليسي ساز  ڪميٽي اجلاس ۾ ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جو معاملو غير آئيني طور تي بحث هيٺ آندو ويو. ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جو معاملو سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اختيار ۾ اچي ٿو. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جي لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪائونسل اجلاس ۾ اسان چيو ته پهريان اسان جي 13 آڪٽوبر جي خط جو معاملو طئي ڪيو وڃي جنهن ۾ جوڊيشل ڪائونسل اجلاس ملتوي ڪرڻ يا ڪائونسل جي نئين سري سان جوڙجڪ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. خط موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي خلاف ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. جسٽس سرفراز ڊوگر جي خلاف ڪيس جو فيصلو ڪائونسل ۾ شموليت کي متاثر ڪري سگهي ٿو. ڪائونسل جي آئيني حيثيت طئي ڪرڻ کان سواءِ انهي جي فيصلن جي قانوني حيثيت تي سوال اٿندا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.