ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ ۾ ايم نائين موٽروي ڪوئيٽا ٽائون ۾ رفاهي پلاٽن تي غيرقانوني حد دخلين بابت ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس بي سي اي کي رفاهي پلاٽن کي محفوظ بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته رفاهي پلاٽن جو اصل مقصد عوامي سهولت آهي، جڏهن ته درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته راند جي ميدان ۽ پارڪ جي زمين تي شوروم ٺاهيا ويا آهن.