اوٻاوڙو(رپورٽ :عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ويجهو ريتي لنڪ روڊ تي مٿي ۾ ڌڪ لڳل لاش هٿ علائقي واسين لاش ڏسي اوٻاوڙو پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي مقتول نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ اوٻاوڙو واسي جميل شيخ طور ڪئي وئي خبر پوڻ تي وارث وڏي انگ ۾ تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچي ويا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو هوڏانهن مقتول جي ڀاءۡ صابر شيخ ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي.