جوهي ( ن ع آ ) جوهي لڳ ڦلجي وليج ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد يوسف جٽ ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم ماڻھن گهر ۾ داخل ٿي ننڍ ۾ ستل محمد ايوب ولد محمد شفيع سنڌو جٽ مٿان فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد جوابدار فرار صبح جو خبر پوڻ تي وارثن کي لاش گهر اندران مليو و مقتول جي وڏي ڀاءُ ذڪريا سنڌو ٻڌايو ته گهر اندر ستا پيا هئاسين ته رات 12 بجه ڌاري ٽي فائر ٿيا پوء سمهي پيا سين صبح خبر پئي ته ڀاءُ کي نامعلوم ماڻھو فائرنگ ڪري ماري ويا آھن.