سنڌ يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي گارڊ جو فقيرياڻي تي گهلي گهلي تشدد

ڄامشورو (رپورٽ: راجا نور چانڊيو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جيولاجي شعبي جي سيڪيورٽي گارڊ پيارو خان ڏاهاڻي پاران هڪ غريب پيرسن عورت فقيرياڻي ديبل تماچي کي گهلي گهلي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جيڪا روڊ تي خيرات گهرندي هئي. اکين ڏٺن شاهدن موجب شاگردن پاران بچاءَ جي ڪوشش تي گارڊ کين خاموش رهڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون ۽ هراسان ڪيو. متاثر عورت الزام هنيو ته سيڪيورٽي اهلڪار ڀتو گهريندا آهن، نه ڏيڻ تي تشدد ڪندا آهن. واقعي بعد سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي اطلاع ملڻ تي گارڊ کي فوري طور هٽايو ويو آهي ۽ جاچ جاري آهي. ترجمان چيو ته ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.