صدر سان وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڌار ڌار ملاقات، افغان صورتحال تي ڳالهه ٻول

اسلام آباد (بيورورپورٽ) صدر آصف علي زرداري سان هڪ ئي ڏينهن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وزيراعظم شهباز شريف ڌار ڌارملاقات ڪئي، جنهن دوران صدر ۽ فيلڊ مارشل ملڪ جي ٻاهرين ۽ اندروني سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايوانِ صدر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف سيد عاصم منير جي صدر آصف علي زرداري سان ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران فيلڊ مارشل صدر کي ملڪ جي مجموعي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، فيلڊ مارشل صدر کي افغان طالبان حڪومت جي اڳرائين ۽ چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل تازي سيڪيورٽي صورتحال بابت به آگاهه ڪيو، فيلڊ مارشل افغان طالبان حڪومت جي اڳرائيءَ جي جواب ۾ پاڪ فوج جي محتاط ۽ اثرائتي ڪارروائين بابت به آگاهه ڪيو، پڌرائيءَ موجب صدر پاڪ فوج جي قوت، بهادري، صلاحيت ۽ تياريءَ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.صدر ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي ڦڙتي ۽ مهارتن جي واکاڻ ڪئي، صدر افغان بارڊر تي سرحد پار حملن جو ترت ۽ پيشيوراڻو جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج جي مهارت کي به ساراهيو،  صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدر آصف زرداري سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ قومي اهميت، موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. ترجمان ايون صدر مطابق، صدر زرداري سان ٿيل ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.ترجمان موجب، ملاقات دوران قومي اهميت، موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سان لاڳاپيل معاملن ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ معاشي مفادن تي اثرانداز ٿيندڙ تازي علائقائي ۽ عالمي تبديلين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم شهباز شريف صدر مملڪت کي پنهنجي تازين مصر ۽ ملائيشيا جي دورن بابت، غزه امن جي ڪوششن ۽ عالمي اڳواڻن سان ٿيل ملاقاتن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.ترجمان موجب، صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جي ون آن ون ملاقات به ٿي، جنهن ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان ايون صدر جو چوڻ آهي ته صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جي ملاقات دوران اهم قومي ترجيحن ۽ حڪومتي پاليسين جي مجموعي رخ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صدر مملڪت ۽ وزيراعظم قومي اهميت وارن معاملن تي سياسي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان مطابق، هن ملاقات دوران رانا ثناءُالله، رانا تنوير حسين، ۽ محسن نقوي به موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.