ڪراچي/ شڪارپور/ ڳڙهي ياسين (نمائندن وٽان) سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر ۽ پ پ اڳواڻ ايم پي اي آغا سراج دراني لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم برين ھيمرج سبب ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ علاج ھيٺ ھو، وڏي وزير ۽ صوبائي وزيرن ، صلاحڪارن ۽ پ پ اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار، ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ داخل سنڌ جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني ڪالھه لاڏاڻو ڪري ويو، جيڪو برين ھيمرج سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ ھو، ذريعن موجب آغا سراج دراني پھريان کان ئي گڙدن ۽ دل جو به مريض ھو، خانداني ذريعن موجب گذريل مھيني برين ھيمرج سبب کيس بيهوش ٿيڻ جي حالت ۾ نجي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، اسپتال ۾ کيس آءِ سي يو ۾ رکيو ويو ھيو .جنھن جو علاج ھلندڙ ھو پر علاج جي باوجود هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ ڪالھه لاڏاڻو ڪري ويو، اھڙي اطلاع تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا ميمبرن سميت مرحوم جي ڪراچيءَ واري گھر پھچي سندس ڀاءُ آغا شھباز دراني ۽ پٽ سميت وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو، وڏي وزير سان گڏ اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، سعيد غني، اسماعيل راهو، ايم پي اي امتياز شيخ، سيد قاسم نويد، قاسم سومرو، ايم اين اي خواجه اظهار، ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد ۽ ٻيون معزز شخصيتون پڻ موجود هيون، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مرحوم جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪندي چيو ته آغا سراج دراني هڪ قابل، ايماندار ۽ باوقار سياستدان، سچو دوست ۽ نيڪ انسان هو،مڙهه ڳڙھي ياسين آندو ويو، ،ڪوٽ دراني ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه،غوث بخش مهر،سعيد غني،سردار نجف ڪماريو،امتياز شيخ،معظم عباسي،عابد ڀيو،سردار بشارت ڪماريو،منظور وساڻ،گل محمد جکراڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا
-
صدر، وزيراعظم، بلاول ۽ ٻين طرفان سراج دراني جي لاڏاڻي تي تعزيت
ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ ٻين تمام گهڻي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، صدر آصف علي زرداري آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي، سندس سياسي ۽ عوامي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف به سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ، شهباز شريف مرحوم لاءِ مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ همت جي دعا ڪئي، وزيراعظم چيو ته آغا سراج دراني بطور اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اهم خدمتون سرانجام ڏنيون، سندن سياسي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪوششون هميشه ياد رهنديون،پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيئر سياستدان ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته آغا سراج دراني جون جمهوري جدوجهدون ۽ عوامي خدمتون هميشه ياد رکبيون، هن چيو ته آغا سراج دراني بردباري ۽ تحمل جو نمونو هئا، انهن جي وڇوڙي سان هڪ دور جو پڄاڻي ٿي آهي، بلاول ڀٽو زرداري آغا سراج دراني جي بلندين لاءِ دعا ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، پ پ اڳواڻ رياض شاهه شيرازي، سردار احسان الرحمان مزاري ۽ سنڌ ڪابينا طرفان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ آغا سراج دراني جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، سياستدانن ۽ پ پ اڳواڻن جو چوڻ هو ته آغا سراج دراني جي لاڏاڻي سبب پارٽي هڪ بااصول سينيئر اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي، آغا سراج دراني جي وفات تي سوڳوار ڪٽنب سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيون.
-
آغا سراج دراني 1953 ۾ جنم ورتو، آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جو ويجهو ساٿي رهيو
شڪارپور: آغا سراج دراني پنج آڪٽوبر 1953 عيسوي ۾ شڪارپور جي تعلقي ڳڙھي ياسين ۾ جنم ورتو، آغا سراج دراني دراني خاندان جو اھم حصو ۽ خانداني سياستدان ھو، سندس والد آغا صدرالدين دراني سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رھيو، جڏھن ته سندس چاچو آغا بدرالدين دراني پ پ جي پليٽ فارم تان سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ رھيو جنھن کان متاثر ٿي آغا سراج دراني 1985 ۾ضياءُ الحق جي دور ۾ تحريڪ استقلال جي پليٽ فارم تان غير جماعتي چونڊن ۾ حصو ورتو، آغا سراج دراني آصف علي زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جو ڪلاس فيلو ۽ ويجھو ساٿي رھيو،آغا سراج دراني 1988 ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ ساڳي ئي سال سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڍيو ويو، آغا سراج دراني کي اھو پڻ اعزاز حاصل ھو ته ھو ست ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ 2013 کان فيبروري 2024 تائين سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رھيو، آغا سراج دراني 1988 ۾ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ آخري دم تائين پ پ جو حصو رھيو، ھو ڳڙھي ياسين واري تڪ تان ست ڀيرا سوڀارو ٿيو، آغا سراج دراني ٽائون پلاننگ، تعليم ۽ بلديات کاتي جو وزير ۽ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ قائم مقام گورنر پڻ رھيو، آغا سراج دراني 1971 ۾ ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪس ھاءِ اسڪول مان مئٽرڪ 1975 ۾ بي ڪام،1977 ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج مان ايل ايل بي ۽ آمريڪا جي ٽيڪساس يونيورسٽي مان ھڪ سال واري ايم بي اي جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين،آغا سراج دراني ڄام صادق جي دور ۾ سياسي قيدي رھيو،پنھنجي اسپيڪر واري دؤر ۾ پڻ نظر بند رھيو ھن مٿان نيب ۾ ڪرپشن جا ڪيس ھلندا رھيا پر ڪو به ڪيس ثابت ٿي نه سگھيو.
-
وڏو وزير،صوبائي وزير ڪوٽ دراني پهتا
ڳڙهي ياسين (ن ع آ)ڳڙھي ياسين ڪوٽ دراني ۾ اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، ايم پي اي امتياز احمد شيخ، ايم پياي نثار کھڙو، صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار، اڳوڻو وفاقي وزير غوث بخش خان مھر ۽ ٻيا پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ سوين ڪارڪنن ۽ شھري وڏي تعداد ۾ پھچي ويا آهن، اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج خان دراني جي تدفين قاسم شاهه بخاري جي مقام ڪئي ويندي.