پريالوءِ (رپورٽ: عامر صوبل اوڍو) پريالوءِ ڀرسان هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ ناريجا برادريءَ جا ٻه نوجوان قتل ٿي ويا، ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو ڀرسان صبح جي وقت رستي سان ويندڙن تي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ڳوٺ حاجي مهرل ناريجو جي رهواسي سراج احمد پٽ انور علي ناريجو ۽ محمد اسلم پٽ غلام سرور ناريجو قتل ٿي ويا، واقعي جي اطلاع ملڻ تي مقتولن جا وارث ۽ حد جي فيض محمد ناريجو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ مقتولن جا لاش پوليس کڻائي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، مقتولن جي ويجهن عزيزن جو چوڻ آهي ته اسان جا نوجوان پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته رستي تي لِڪي ويٺل هٿيار بندن گوليون هڻي بيگناھ اسان جي نوجوانن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، اسان هٿيار بندن جا پيرا کنيون پئي وياسين ته انهيءَ دوران الرا برداري جي چڱي مڙس مقتولن جي وارثن کي فون تي رابطو ڪري اعتراف ڪيو ته توهان جا نوجوان اسان الرن جي ماڻهن کان غلط فهمي جي بنياد تي مارجي ويا آهن، الرا برداري جي چڱي مڙس جو چوڻ هو ته اسان جو جتوئي برادري سان خوني تڪرار هلندڙ آهي جنھن سبب جتوئي برادري جا هٿيار بند اسان الرن جي زمينن تي چڙهايون ڪري ٽيوب ويلن تي لڳل سولر پليٽون ڀڃي ويندا هئا ۽ زمينن تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي مارڪٽ ڪري زمينن مان ڪڍي ڇڏيندا آهن ان ڪري اسان جتوئي برادري جي هٿياربندن جي ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو رستن تي لڪائي ويهاريا هئا ته صبح جو سوير رستي سان ويندڙ ماڻهن کي جتوئي برادري جا ماڻهو سمجهي الرن جي ماڻهن فائرنگ ڪئي جنهن ڪري غلطي سبب ناريجا برادري ٻه نوجوان مارجي ويا آهن، هوڏانهن ٻئي مقتولن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کين اباڻي قبرستان م دفنايو ويو جڏهن ته واقعي بعد صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ خيرپور جي پوليس انتظاميه طرفان مختلف هنڌن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.