آرٽس ڪائونسل پاران ٻئي ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جون تياريون جاري

ڪراچي ( رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران ٻيو ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 30 آڪٽوبر کان 7 ڊسمبر تائين آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 141 ملڪ حصو وٺي رهيا آهن، اُن سلسلي ۾ ڪالهه آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ورلڊ ڪلچر فيسٽيول پاڪستان سميت پوري دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو فيسٽيول آهي، ڪراچي جهڙي شهر ۾ ثقافتي سرگرميون رڪجي نه ٿيون سگهن.

  1. سرڪاري ملازم تي تشدد الزام ۾ فرحان غني ۽ ٻين خلاف ڪيس ختم

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ سرڪاري ملازم تي تشدد جي الزام ۾ ٽائون چيئرمين فرحان غني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس ڪيس کي سي ڪلاس ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي، عدالت پوليس جي سي ڪلاس رپورٽ قبول ڪري ورتي، عدالت فرحان غني ۽ ٻين خلاف ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته درخواست گذارجي وڪيل به ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي اعتراض نه ڪيو، فرحان غني، قمر احمد ۽ شڪيل چانڊيو ڪيس ۾ ضمانت تي ٻاهر آهن.

  1. باجوڙ ۾ قومي اسيمبلي ميمبر جي گهر تي دستي بم حملو

باجوڙ (م ڊ) باجوڙ ۾ وزيراعظم جي قبائلي معاملن بابت خاص مددگار ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر مبارڪ زيب جي گهر تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو، پوليس موجب اڻڄاتل ماڻهن طرفان ڪيل دستي بم حملي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پر بم ڦاٽڻ سبب گهر جي ٻاهران بيٺل ڪار کي نقصان پهتو، پوليس چيو آهي ته مبارڪ زيب جي گهر تي هي ٽيون حملو آهي، ياد رهي ته باجوڙ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر مبارڪ زيب، پي ٽي آءِ جي فوت ٿيل ڪارڪن ريحان زيب جو ڀاءُ آهي، گذريل سال فيبروري ۾ عام چونڊن دوران اين اي باجوڙ-8 تان آزاد اميدوار ريحان زيب نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو، جنهن کان پوءِ ان تڪ ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون، ان کان پوءِ اپريل ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ آزاد اميدوار مبارڪ زيب، سني اتحاد ڪونسل کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.