پائيدار امن طاقت جي استعمال سان نه پر ڳالهين سان ئي ممڪن آهي

تحرير:مظفر اعجاز

هڪ دل کي ڇُهيندڙ سوال اٿيو آهي ۽ ان کي اڀارڻ وارا به دلير آهن؛ انهن هڪ جملي ۾ دنيا جي تاريخ جون ڪي ڳجهارتون سلجھائي ڇڏيون. اهو جملا آهي: ”هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه نه آهي؛ جيڪڏهن صرف قراردادون حل هجن ها ته جنگون ڪڏهن به نه ٿين ها.“ اهو ٻڌي آمريڪا، اسرائيل ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جون قيادتون بيوقوف نظر اچڻ لڳيون. گڏوگڏ گڏيل قومن جو وجود به خطري ۾ پوندو نظر اچي ٿو.

 تازي بيوقوفي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ئي ڪئي آهي يعني ٻن سالن تائين پاڻ کي ’دنيا جي ناقابلِ شڪست فوج‘ چوڻ وارا، عمل ۾ ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هٿين خالي فلسطيني ماڻهن سان سخت ٽڪراءَ کان پوءِ ڳالهين تي مجبور ٿيا. انهن بيوقوفن کي خبر ئي ڪونه هئي ته ”هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه ناهي؛ جيڪڏهن فقط  ڳالهيون ئي حل ٿين ته جنگون ڪڏهن به نه ٿينديون.“ پر آمريڪا کي ڪير سمجھائيندو جيڪو ويٽنام ۾ سالن تائين جنگ جو تجربو ڪيو، عراق ۽ وچ اوڀر ۾ ڊگهيون جنگون ڪيون ۽ افغانستان ۾ ويهه سال جي جنگ کان پوءِ دوحه ۾ طالبان سان ڳالهين ڪيون ۽ پنهنجين فوجين جون حياتيون بچائي کين ٻاهر ڪڍيو. اسرائيلي وزيرِ اعظم ٻن سالن تائين ساڳيو اعلان  ڪندو رهيو ته، سڀ مغوي ڇڏايان ٿو، حماس کي ختم ڪري ڇڏيندس، غزه کي خالي ڪرائيندس، پر ٻن سالن تائين ڪروڙين ڊالرن جو بارود استعمال ڪرڻ ۽ 80 هزار ماڻهن جي شهيد ٿيڻ ۽ پنهنجن فوجين جي جان وڃائڻ کان پوءِ، پنهنجو ناقابلِ شڪست هجڻ جو به ڀرم ٽوڙي ويٺو ۽ تڏهن هو ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ٿيو.

ڪجهه رپورٽن جي حوالن سان چيو ويو آهي ته آمريڪا 7.2 ارب ڊالر جا هٿيار افغانستان ۾ ڇڏي ويو هو، پاڪ فوج جي ترجمان پاران قوم کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۾ اضافيءَ جا مختلف سبب آهن، جن ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي سڀني نُڪتن تي عمل نه ٿيڻ به شامل آهي. ۽ نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ نُڪتو هي به هو ته ان سلسلي ۾ هڪ بيانيو تيار ڪيو ويندو پر اهو به نه ڪيو ويو، بلڪه دهشتگردن سان ڳالهين جي ڳالهھ ڪئي وئي. ڳالهه ته بلڪل ٺيڪ آهي، پر پاڪستان ۾ حڪومت، سيڪيورٽي، بجيٽ، سياست، خارجا ۽ داخلا پاليسي، بين الاقوامي لاڳاپا، معاهدا ٺاهڻ ۽ ٽوڙڻ، ڪنهن کي محب وطن قرار ڏيڻ يا ڪنهن کي غدار چوڻ، اهو سڀ ڪنهن جي هٿ  وس ۾ آهن؟ 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملي کان پوءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ گڏيل نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو، پر اڄ تائين ان تي مڪمل طور عمل نه ڪيو ويو. ڪير به ناهي ڄاڻندو ته هي نيشنل ايڪشن پلان ڪنهن ترتيب ڏنو، سڀ سياسي ڌڙن کي هڪ جاءِ تي ڪنهن گڏايو ۽ سڀني کي متفق ڪيو. اهي ئي ماڻهو اعتراض ڪري رهيا آهن ته  ٺاهه ڪرڻ جي ڳالهھ ڪئي پئي وڃي ۽ چون ٿا ته ڇا هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه ۾ ئي آهي؟ جيڪڏهن دهشتگردن سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته پوءِ جنگون ڪڏهن به نه ٿينديون.

 هڪ رپورٽ جي حوالي سان چيو ويو ته آمريڪا 7.2 ارب ڊالر جو هٿيار افغانستان ۾ ڇڏي ويو جيڪو دهشتگردن جي هٿ لڳي ويو ۽ اهو ئي هٿيار پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي. گڏوگڏ اهو به ٻڌائين ٿا ته آمريڪا اهي هٿيار ڪهڙين رستن تي ڇڏي ويو هيو جيڪو دهشتگردن جي هٿ لڳو؟ ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ آمريڪي هٿيار غير محفوظ هئا؛ تڏهن صورتحال اهڙي هئي ته آمريڪين جي جان خطري ۾ هئي، دهشتگردن جي ته ڇا مجال هوندي جو هٿيار کڻي وڃن. ها، هي ضرور خبرون هيون ته آمريڪين وارلارڊز ۽ مختلف طالبان مخالف گروپن ۾ هٿيار ورهايا هئا ته جيئن مستقبل ۾ دهشتگرديءَ ۾ استعمال ٿي سگهن. هيئي ڪم هنن ويٽنام کان فرار ٿيندي، عراق ڇڏيندي ۽ افغانستان مان نڪرندي ڪيو هو. ان سلسلي ۾ ڳالهين جي حامي جماعتن تي الزام لڳائڻ جي ضرورت ڪونهي.ڳالهين کي رد ڪندي جنگ جي حمايت ۾ دليل ڏنو ويو ته 2024ع ۾ ڳجهين رپورٽن جي بنياد تي خيبر پختونخوا ۾ 14,535 آپريشنز ڪيا ويا ۽ 2025ع ۾ اڃان تائين 10,115 ڪارروائين ٿيون؛ هن سال ماريل دهشتگردن جو تعداد گذريل ڏهاڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. اهي سارا انگ اکر پيش ڪرڻ کان پوءِ چيو ويو ته ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولت ڏيندڙن لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏجي، جيڪو انهن جي سهولتڪاري ڪندو ان کي انجام تائين پهچايو ويندو، سوال اھو آھي ته  ايترا آپريشن ٿيڻ کان پوءِ به دهشتگردن تي زمين تنگ ڇو نه ٿي؟ هر دفعي ٽٽل چيلهه وارا دهشتگرد وارداتون ڪيئن ڪري ويندا آهن. ترجمان هتي اچي چيو ته بنيادي طور تي پوليس جو ڪم به فوج کي ڪرڻو  ٿو پوي، جنهن جي سبب سي ٽي ڊي جي تعداد ئي 3,200 رکيو ويو آهي، ته پوءِ نتيجا ڪيئن نڪرندا؟ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جو سبب سياسي ۽مجرماڻي ڳٺ جوڙ آهي؛ انهيءَ سياسي مافيا لاءِ هزارين غير ڪسٽم پيڊ گاڏيون اهم آهن ۽ جيڪڏهن اسمگلنگ جاري رهندي ته ساڻس گڏ دهشتگردي ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ ايندو رهندو. هتي ٿيندڙ اسمگلنگ جو الزام به طاقتور ماڻهن تي ڏنو وڃي ٿو. هاڻي سوال اھو آهي ته  ان جا ذميوار ڪڏهن سوچيو آهي  ته طاقتور ادارو سڀ ڪم ڇو پنهنجي سر تي ڇو کنيو بيٺو آهي؟ ۽ جيڪڏھن سڀ ڪم اھي ئي ڪري ٿو ته اسمگلنگ جو الزام به ان تي ئي ڇو نه لڳي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.