تيل گئس جي پيداواري ضلعن ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ۽ رائلٽي ڏيو\سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي قدرتي وسيلن تي عوامي حق جي تحفظ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي  سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سجاد علي سومرو هڪ اهم قرار داد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي آهي. قرارداد ۾ چيو ويوآهي ته صوبي جا اهي ضلعا جيڪي تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرو رکن ٿا، تن کي رائلٽي جي رقم کان محروم رکيو پيو وڃي، رقم جي استعمال ۾ شفافيت نه آهي، جڏهن ته مقامي نوجوانن کي آئل ۽ گئس ڪمپنين ۾ نوڪريون نه ڏنيون پيون وڃن. قرار داد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته ضلع گھوٽڪي، سانگهڙ، خيرپور، ڄامشورو، بدين، ٽنڊوالهيار ۽ ٻين علائقن مان روزانو اربين رپين جي گئس ۽ تيل پيدا ٿيڻ باوجود انهن علائقن کي سندن جائز مالي ۽ ترقياتي حقن کان محروم رکيو ويو آهي. عوام کي اڄ تائين اها ڄاڻ به نه ڏني وئي آهي ته رائلٽي جي مد ۾ ڪيتري رقم ملي ۽ اها ڪٿي خرچ ڪئي وئي. قرار داد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن ضلعن ۾ قائم آئل، گئس ۽ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانن ۾ مقامي نوجوانن کي نوڪريون نه ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته ماحولياتي قانونن جي به ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. گھوٽڪي ۾ ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي زمين هيٺ ڇڏيو پيو وڃي، جنهن سبب پيئڻ جو پاڻي آلود ٿي ويو آهي ۽ مقامي ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. سجاد علي سومرو مطالبو ڪيو ته حڪومت سنڌ هڪ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي ، جيڪا گذريل سترهن سالن ۾ تيل ۽ گئس رائلٽي جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ رقم جا مڪمل تفصيل عوام آڏو رکي. قرار داد ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آئل ۽ گئس ڪمپنين کي پابند ڪيو وڃي ته هو لاڳاپيل ضلعن جي مقامي نوجوانن کي ترجيحي بنيادن تي روزگار فراهم ڪن. رڪن سنڌ اسيمبلي سجاد علي سومرو ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ گھوٽڪي ۾ نوجوانن مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو، جن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، جنهن جي هو سخت مذمت ڪن ٿا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.