حيدرآباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، شهري قتل

حيدرآباد(رپورٽر)  حيدرآباد جي ڦليلي ٿاڻي جي حد مڪراني پاڙي ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ شھري قتل ٿي ويو. جنھن جي سڃاڻپ منيب مختيار عباسي طور ڪئي وئي ، پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملڻ تي پھچي لاش کڻائي سول اسپتال حيدرآباد پھچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جي جاچ ھلي رھي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.