ٻارن آڏو پيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار مقابلي ۾ مارجڻ جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر) ٻارن جي آڏو پيءُ کي قتل ڪندڙ دهشتگرد مقابلي ۾ مارجي ويو، اورنگي ٽائون ۾ پوليس مقابلي دوران مارجي ويل دهشتگرد ٻارن جي آڏو پيءُ کي قتل ڪرڻ واري واردات ۾ ملوث نڪتو، پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا يارنهن ڌاٻيجي موڙ وٽ پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ نور حسين عرف نونو ولد ناصر حسين طور ٿي، ڊي آءِ جي اولهه عرفان علي بلوچ موجب مليل معلومات موجب سندس ساٿي ۽ موٽر سائيڪل هلائيندڙ محمد بلال کي ٽي ڏينهن اڳ اقبال مارڪيٽ پوليس گرفتار ڪيو هو، هنن ٻنهي 28 سيپٽمبر تي محمد مصطفيٰ ڪالوني ۾ واردات جي ڪوشش دوران مزاحمت تي سجاد نالي شهري کي سندس ٻارن جي آڏو قتل ڪيو هو،سوشل ميڊيا تي وائرل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ به جوابدارن کي فائرنگ ۽ ڀڄڻ دوران واضح ڏٺو ويو، پوليس گرفتار جوابدارن کان حاصل ڄاڻ ۽ فٽيجز جي بنياد تي نور حسين جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو، جنهن فائرنگ شروع ڪئي، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هو سخت زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو، واقعي واري جاءَ تان هٿيار، گوليون، موبائل فون ۽ نقد رقم هٿ آئي، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊي آءِ جي اولهه ۽ ٽيم کي شاباس ڏيندي چيو ته سماج دشمن ڏوهاري خلاف ڪارروائي لائقِ تحسين آهي، خطرناڪ ڏوهاري کي انجام تائين پهچائڻ پوليس جي بهادريءَ جو ثبوت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.