شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور ۾ شڪارپور ھائوس تي بدر شيخ ۽ گل حسن باجڪاڻي ڌرين جي وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جو فيصلو ڪيو ويو، فيصلي ۾ باجڪاڻي ڌر تي ھڪ قتل ۽ ھڪ زخمي ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور ھڪ ڪروڙ 82 لک 28 ھزار 670 رپيا ڏنڊ مقرر ويو، جرڳي ۾ في خون بھا 30 ھزار 6 سئو گرام چاندي ديعت طور مقرر ڪئي وئي، جرڳي جي سرپئنچي ايم پي اي امتياز احمد شيخ ڪئي، جڏھن ته ايم اين اي مير شبير بجاراڻي ۽ اڳوڻي ايم پي اي محمد علي شيخ مشيرن طور شرڪت ڪئي، جڏھن ته جرڳي ۾ شاھزين بجاراڻي، قربان ملاڻو، اشرف بجاراڻي، علي مردان شيخ، حاجي عبدالغفار شيخ،حيدر علي بجاراڻي ۽ ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن شرڪت پڻ ڪئي، شڪارپور جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو فيصلي ۾ في خون بھا 30 ھزار 600 گرام چاندي ديعت طور مقرر ڪئي وئي جنھن جي رقم ھن وقت 98 لک 28 ھزار 670 رپيا آھي، فيصلي ۾ زخمي ۽ ان جي علاج جا 24 لک، ڪار کي لڳل گولين جا 15 لک، عدالت ۽ پوليس خرچ جا 15 لک ۽ ٻين خرچن سميت مجموعي طور ھڪ ڪروڙ 82 لک 28 ھزار 617 رپيا باجڪاڻي ڌر تي ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فيصلي ۾ ٻڌايل فتويٰ مطابق دئيت ۽ ڏنڊ جي مجموعي رقم مان ھڪ ڪروڙ 17 لک 28 ھزار 617 رپيا خون ۽ زخمي جي ديت طور عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي، جڏھن ته 65 لک رپيا مقتول جي وارثن ۽ زخمين کي ادا ڪيا ويندا، فيصلي بعد باجڪاڻي ڌر موقعي تي عدالت ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ ديعت جي رقم مان 37 لک رپيا ادا ڪيا، جڏھن ته ٻي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، حتمي فيصلو عدالت جو ھوندو، فتويٰ موجب ڌرين ۾ ٺاهه تڏھن ئي تصور ڪيو ويندو، جڏھن فيصلي ۾ ٻڌايل رقم مڪمل طور عدالت ۾ جمع ڪئي ويندي، فيصلي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 3 ڪروڙ رپيا ڏنڊ وڌو ويندو،ياد رھي ته سکر ۾ پنج سال اڳ پلاٽ جي مامري تان ھٿياربندن ٽي ايم او اعجاز شيخ کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو ۽ سليمان کوسو زخمي ڪيو ھو جنھن قتل ڪيس ۾ باجڪاڻي ڌر جا امجد ۽ عامر باجڪاڻي گرفتار ھئا جن کي سکر جي ايڊيشنل سيشن عدالت عدالت ڦاھي جي سزا ٻڌائي ھئي جنھن تي ٻنھي جوابدارن جي وارثن شيخ ڌر سان ٺاھ ڪري جوابدارن کي بچائي ورتو آھي، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون جوابدارن کي ٻڌايل سزا ختم ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ ديعت جي رقم ادا ڪري ٺاھ جو راضي نامو پيش ڪيو ويندو.