حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سارين جو اگھه ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي، ٻج، دوائون ۽ فصل جي پوکائي تي وڏا خرچ ٿين ٿا پر فصل لھڻ کانپوءِ ايترا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا جو خرچ به نٿا نڪري سگھن، جنھنڪري آبادگار ۽ ھاري مسلسل بدحالي جو شڪار ٿي رھيا آھن. اھا انتھائي خطرناڪ صورتحال آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته ڪڻڪ جو فصل لھڻ وقت ان جي قيمت ڪيرائي وئي. آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ بعد ھاڻ واپارين ۽ ملرز اٽي ۽ ڪڻڪ جون قيمتون آسمان تي پھچائي ڇڏيون آھن، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن، ھارين ۽ زراعت جي بھتري، خوشحالي جو ڪو منصوبو ناھي، سڄو سال فصلن جا اگھ ڪرائيندڙ مافيا سرگرم رھي ٿي. رڳو ساريون نه، ھر فصل جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. فصل خريد ڪرڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ ڪڏھن کنڊ جي کوٽ، ڪڏھن ڪڻڪ جي کوٽ، ڪڏھن ڪنھن فصل جي کوٽ پيدا ڪري ھٿرادو مھانگائي پيدا ڪئي وڃي ٿي، نقلي ٻج، نقلي دوائون وڏو مسئلو آھن، پاڻي کوٽ جي ڪري به آباد زمينون بنجر ٿي ويون آھن.