غزا امن سمٽ اڄ مصر ۾ ٿيندي، وزيراعظم شرڪت ڪندو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي دعوت تي شرم الشيخ ۾ رٿيل امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اڄ مصر روانو ٿيندو. دوري ۾ نائب وزيراعظم، ۽ ٻين سينيئر وزيرن جي به شموليت هوندي. پرڏيهي وزارت موجب اجلاس غزا ۾ ڳنڀير انساني صورتحال ختم ڪرڻ ۽ جٽادار امن لاءِ ٿيندڙ سفارتي ڪوششن جو حصو آهي، جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران شروع ٿيو هو. وزيراعظم جي شرڪت پاڪستان جي فلسطيني عوام سان گڏ بيهڻ ۽ سندن حقن جي حمايت جو تسلسل آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته اجلاس مڪمل اسرائيلي نيڪالي، جنگ بندي، قيدين جي آزادي، ۽ غزا جي ٻيهر تعمير لاءِ راهه هموار ڪندو. اجلاس جو مقصد القدس شريف گادي واري هنڌ سان آزاد فلسطين جي قيام لاءِ سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.