ڪي پي جي وزيراعليٰ جي اڄ چونڊ، اميدوارن جا ڪاغذ منظور

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي نامزد اميدوار سهيل آفريدي سميت سڀني مخالف ڌر جي اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا ، وزيراعليٰ لاءِ ڪُل 4 اميدوار مقابلي ۾ ميدان ۾ آهن، پي ٽي آءِ طرفان سهيل آفريدي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) طرفان مولانا لطف الرحمان، پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ارباب زرڪ، ۽ مسلم ليگ (ن) طرفان سردار شاهجهان ميدان تي لٿل آهن، ذريعن موجب نامزدگي جي جاچ پڙتال مڪمل ٿيڻ بعد حتمي فهرست جاري ڪئي وئي، جڏهن ته هاڻ سڀني جون نظرون صوبائي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ وزيراعليٰ جي چونڊ تي لڳل آهن، جتي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڌرين ۾ سياسي رابطا تيز ٿي ويا، ان کان اڳ پشاور ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جن جي جاچ شام 4 وڳي تائين مڪمل ٿي، پي ٽي آءِ جي سهيل آفريدي، جي يو آءِ (ف) جي مولانا لطف الرحمان، مسلم ليگ (ن) جي سردار شاهجهان يوسف ۽ پيپلز پارٽي جي ارباب زرڪ اميدوار طور نامزدگي ڏني هئي، سهيل آفريدي چيو ته وزيراعليٰ جي چونڊ آئين مطابق ٿي رهي آهي ۽ هو پنهنجو پاليسي بيان اسيمبلي جي فلور تي ڏيندو، جڏهن ته ڪنهن کي ٻاهران مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ٻئي پاسي ڊاڪٽر عبدالله پنهنجا ڪاغذ واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، جي يو آءِ (ف) طرفان مولانا لطف الرحمان کي اميدوار بڻايو ويو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) طرفان ڊاڪٽر عبادالله خان کي نامزد ڪيو ويو هو، پر مخالف ڌر اتحاد مولانا لطف الرحمان جي نالي تي متفق ٿي ويو ، مولانا عطاءُ الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر پنهنجي اميدوار کي ميدان ۾ آڻيندي، جيڪو انهن جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، پي ٽي آءِ طرفان سهيل آفريدي جي نامزدگي بعد حڪومتي ۽ مخالف ڌر ڌرين ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.