ڪي پي ۾ ٻيهر زلزلي جا جهٽڪا، شدت 4.1 رڪارڊ

سوات (م ڊ) خيبرپختونخوا جا مختلف شهر هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي سان لڏي ويا، شدت 4.1 رڪارڊ ٿي، سوات جي مرڪزي شهر مينگورھه ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ڪيترن علائقن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، زلزلي دوران ڪيترائي ماڻهو گهرن ۽ عمارتن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمي جو ورد ڪرڻ لڳا، زلزلي پيما مرڪز موجب زلزلي جي اونهائي218 ڪلوميٽر ۽ مرڪز هندو ڪش ريجن هو، ماهرن موجب هندو ڪش جو علائقو زلزلي لاءِ انتهائي حساس خطو آهي، جتي وقت بوقت جهٽڪا ايندا رهن ٿا، صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موجب في الحال ڪنهن جاني يا مالي نقصان جي ڪا اطلاع نه ملي آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا صورتحال تي نظر رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.